اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت فياض ترين ملاقات ڪئي آهي، ملاقات ۾ اثاثا مئنيجمينٽ اٿارٽي قائم ڪرڻ سان لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان قيمتي قومي اثاثن جي پيداواري استعمال کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ موثر قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. هن پاڪستان جي قيمتي تاريخي ۽ ??قا??تي اثاثن مان ڀرپور فائدو کڻندي ملڪ ۾ سياحت جي شعبي جي ترقي تي ڌيان ڏيڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم بورڊ آف انويسٽمينٽ (بي او آءِ) کي موثر بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ماڻهن جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ ملڪ ۾ ڪاروبار ڪ??ڻ ۾ آساني کي يقيني بڻايو وڃي. ان موقعي ??ي ناڻي واري وزير پاران وزيراعظم کي ملڪ جي موجوده معاشڊي صورتحال تي پڻ بريفنگ ڏ??ي وئي. وزيراعظم ملڪ ۾ عام ماڻهن کي وڌ کان وڌ ريليف ڏيڻ جي لاءِ موثر قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي.