اسلام آباد-07 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينه جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) سهڻي ڌرتي ريمينٽس پروگرام جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جنهن تحت قانوني ۽ بئنڪنگ ذريعن مان پرڏيهي نا??و اُماڻيندڙن کي مراعتون ڏنيون وينديون ۽ ان عمل کي هٿي وٺرائي ويندي. اقتصادي رابطا ڪميٽي يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن آف پاڪستان کي وڌيڪ هڪ لک 90 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ پاسڪو جي اسٽاڪ ۽ آزاد ڄمون ڪشمير حڪومت لاءِ پاسڪو جي اسٽاڪ مان 3 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جي فر??هم?? جي پڻ منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اي سي سي جو اجلاس نا??ي واري وزير شوڪت ترين جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو، جنهن ۾ رٿابندي واري وفاقي وزير اسد عمر، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار، عبدالرزاق دائود، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر، يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي ايم ڊي ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي. نا??ي واري سيڪريٽري اجلاس ۾ پرڏيهه مان نا??و اُماڻيندڙ پرڏيهه ۾ ترسيل پاڪستانين لاءِ نيشنل ريمينٽس لائيٽي پروگرام جنهن کي سهڻي ڌرتي ريمينٽس پروگرام جو نالو ڏنو ويو آهي تحت ترغيب ۽ انعام ڏيڻ بابت سمري پيش ڪئي. ان پروگرام تحت قانوني ۽ بئنڪنگ ذريعن مان پرڏيهه مان اُماڻيل نا??و پرڏيهه ۾ ترسيل پاڪستانين کي انهن جي اُماڻيل نا??ي مطابق پوائنٽس ڏنيون وينديون. تفصيلي غو?? ويچار بعد اقتصادي رابطا ڪميٽي سفارشن جي پوائنٽس تي غو?? ڪندي ڪيش ادائيگي مستقل طور تي وطن واپس ايندڙ اوورسيز پاڪستانين کي ڪئي ويندي. جڏهن ته ٻين اوورسيز پاڪستانين کي انهن پوائنٽس جي بنياد تي پي آءِ اي جي ٽڪيٽ ۽ موبائل فون ڊيوٽي جي سهولت فراهم ڪئي ويندي. اجلاس ۾ قومي ۽ غذائي تحفظ ۽ تحقيق طرفان يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن کي ڊسمبر 2021ع تائين 2 لک 80 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جي فر??هم??ءَ بابت سمري پيش ڪئي. اجلاس کي ٻُڌايو ته عبوري انتظامن تحت يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن کي اڳ ئي 90 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ فراهم ٿي چڪي آهي، وڌيڪ هڪ لک 90 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ پاسڪو جي اسٽاڪ مان يا مقامي امپورٽ شده ڪڻڪ مان فراهم ڪئي ويندي. ان کان علاوه اي سي سي آزاد ڄمون حڪومت کي ملڪي ۽ امپورٽ شده ڪڻڪ جي ذخيرن مان فر??هم??ءَ جي پڻ هدايت ڪئي. اجلاس ۾ ڪابينه ڊويزن جي سمري تي مالي سال 2022ع لاءِ خصوصي ٽيڪنالاجي زونز ٺاهڻ جي سلسلي ۾ 6.4 ارب رپين جي فني ضمني گرانٽ جي منظوري ڏني وئي. اجلاس جي آخر ۾ نا??ي وزارت طرفان ٽماٽن ۽ بصرن جي ايڪسپورٽ بابت سمري پيش ڪئي وئي. تفصيلي غو?? ويچار بعد نا??ي وزير جي قيادت ۾ هڪ ذيلي ڪميٽي جوڙي وئي. واپار واري وزارت جلد خراب ٿيندڙ شين جي ماهوار امڪاني پيداوار، کپت ۽ واڌو پيداوار جي حوالي سان ڪميٽيءَ کي آگاهه ڪندي ۽ انهن شين جي ايڪسپورٽ جو فيصلو پڻ ذيلي ڪميٽي ڪندي.