اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي، قوم?? اسيمبلي جي ميمبر پرويز ملڪ جي لاڏاڻي ت?? ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان موجب سينيٽ چيئرمين پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ چيو ته مرحوم هڪ معتبر سياستدان هو، هن جي سياسي ۽ سماجي خدمتن کي سدائين ياد رک??و ويندو. سينيٽ جي چيئرمين الله تعاليٰ کان مرحوم جي م??فر??، درجن جي بلند ۽ پوئينرن لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي، سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سينيٽر مرزا محمد آفريدي، سينيٽ ۾ قائد ايوان سينيٽر ڊاڪٽر شهزاد وسيم، سينيٽ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سينيٽر سيد يوسف رضا گيلاني به پرويز ملڪ جي لاڏڻي ت?? ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي مرحوم جي م??فر?? ۽ پوئينرن لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي.