اسلام آباد – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري ??ي معاملي تي سول ۽ عسڪري قيادت هڪ پيج ت?? آهي، پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪڏهن به سول ۽ عسڪري قيادت جي ايترا بهترين لاڳاپا نه رهيا آهن جيترا اڄ آهن، ان جو ڪريڊٽ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه ڏانهن وڃي ٿو، افغانستان کي اڪيلو نه ڇڏيو وڃي، افغانستان ۾ عدم ا??تح??ام جي صورتحال پوري ??ينا جي لاءِ نقصان جو ??اعث بڻجي سگهي ٿي، ملڪ ۾ مهانگائي جو ??نيادي سبب عالمي سطح تي قيمتن ۾ اضافو آهي، مهانگائي کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان نئين اڪنامڪ پاليسي فريم ڪئ?? آهي، نومبر جي مهيني ۾ ٽي وڏا پروگرام شروع ڪيا پيا وڃن جنهن ۾ صحت ڪارڊ، آبادگار ڪارڊ ۽ احساس ڪارڊ شامل آهن، وزيراعظم پاڪستان تحريڪ انصاف جي سمورن ميمبرن کي هدايت ڪئ?? آهي ته 12 ربيع الاول جو ڏينهن شاندار طريقي سان ملهايو وڃي. اهڙن خيالن جو ??ظهار هن پاڪستان تحريڪ انصاف جي پارلياماني پارٽي جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته پارلياماني پارٽي جي اجلاس ۾ اسان جو فوڪس افغانستان تي هو، وزيراعظم پارلياماني پارٽي جي ميمبرن ک?? افغانستان جي صورتحال تي اعتماد ۾ ورتو، پاڪستان جو موقف آهي ته هن وقت افغانستان کي اڪيلو نه ڇڏيو وڃي، انساني همدردي جي جذبي سان افغانستان لاءِ امداد جاري ??هڻ گهرجي، هن چيو ته اسان افغانستان لاءِ ويزا ۾ سهولت فراهم ڪئي، افغانستان سان واپار کي وڌايو آهي، اسان افغانستان ۾ پنهنجي ڀائرن جي مدد ڪري ??هيا آهيون، اسان چاهيون ٿا ته دنيا به افغانستان کي اڪيلو نه ڇڏي، وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم پارلياماني پارٽي کي ٻڌايو ته جيڪڏهن افغانستان کي اڪيلو ڇڏيو ويو ۽ اتي عدم ا??تح??ام پيدا ٿيو ته افغانستان ۾ دهشتگرد ۽ انتهاپسند گروپ پنهنجي جڳهه بڻائي سگهن ٿا، اهڙي صورتحال افغانستان جي سان گڏوگڏ دنيا ۽ پاڪستان لاءِ به نقصان جو ??بب بڻجي سگهي ٿي. هن چيو ته افغانستان ۾ ا??تح??ام لاءِ دنيا کي پنهنجون ڪوششون ڪرڻ گهرجن. اطلاعات واري وفاقي وزير ٻڌايو ته وزيراعظم پارلياماني پارٽي کي ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري ??ي معاملي کان به آگاهه ڪيو ۽ ٻڌايو ته فوج ۽ حڪومت هڪ پيج ت?? آهن، چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه ۽ وزيراعظم جا خوشگوار ۽ ويجها لاڳاپا آهن، سموري نقطه نظر تي اسان گڏجي ويهي ڳالهيون ڪندا آهيون، ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري ??ي حوالي سان معاملي تي به صورتحال اها ئي رهي، هن چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪڏهن سول ۽ عسڪري قيادت جا ايتري ??هترين لاڳاپا ناهن رهيا جيتري ??ڄ آهن، ان جو ڪريڊٽ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه ڏانهن وڃي ٿو جنهن سدائين پاڪستان ۽ جمهوريت ۽ سول حڪومت کي اداره جاتي سپورٽ ڏني، اڄ پاڪستان جي عوام کي فوج جي عزت ۽ وقار عزيز آهي. هن چيو ته وزيراعظم پارلياماني پارٽي کي ٻڌايو ته ڊائريڪٽر جنرل انٽر سروسز انٽيليجنس جي مقرري ??ابت معاملا مڪمل طور تي طئي ٿي چڪا آهن، پراسيس شروع آهي، ان جي مقرري ??لد ٿيندي، ان تي سول ۽ ملٽري ٻئي پاس آن بور?? آهن، اعتماد جي فضا ۾ اهو فيصلو ٿيندو، وفاقي وزير چيو ته پارلياماني پارٽي جي اجلاس ۾ مهانگائي تي به ڳالهه ٿي، هن وقت ملڪ ۾ مهانگائي جو ??نيادي سبب عالمي سطح تي شين جي قيمتن ۾ اضافو آهي، پيٽرول جي قيمت 40 ڊالر في بيرل مان وڌي 80 ڊالر في بيرل کان ٽپي وئ?? آهي، 2018ع ۾ پام آئل جي قيمت 518 کان 520 ڊالر ميٽرڪ ٽن هئي جيڪا اڄ 1200 ڊالر جي ويجهو آهي، هن چيو ته مهانگائي کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان نئين اڪنامڪ پاليسي فريم ڪئ?? آهي، نومبر جي مهيني کان اسان ٽي وڏا پروگرام شروع ڪري ??هيا آهوين، جنهن ۾ صحت ڪارڊ ۽ احساس ڪارڊ شامل آهن، صحت ڪارڊ خبرپختونخوا ۾ ملي چڪو آهي، هاڻي پنجاب جي عوام کي صحت ڪارڊ فراهم ڪيو ويندو جنهن تحت پنجاب جي هر خاندان ساڍا 7 لک روپين جو ميڊيڪل انشورنس حاصل ڪري ??گهندو. هن ٻڌايو ته صحت ڪارڊ جي فراهمي جو ??لسلو نومبر کان شروع ٿيندو ۽ مارچ تائين مڪمل ٿي ويندو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته احساس ڪارڊ جي لاءِ سموري ڊيٽا گڏ ڪئي وئ?? آهي، غريب ۽ پوئتي پيل ماڻهن کي احساس ڪارڊ فراهم ڪيو ويندو. احساس ڪارڊز جي ذريعي غريب ماڻهو نه رڳو يوٽيليٽي اسٽورز پر عام دڪانن تان به سستيون شيون خريد ڪري ??گهندا، چوڌري فواد حسين چيو ته پنجاب حڪومت مزدور ڪارڊ جاري ڪري ??هي آيه جنهن سان مزدورن کي فائدو ٿيندو، آبادگارن کي سبسڊي جي فراهمي لاءِ آبادگار ڪارڊ به جاري ڪيو پيو وڃي، وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم پي ٽي آءِ جي سمورن ميمبرن کي هدايت ڪئ?? آهي ته 12 ربيع الاول جو ڏينهن شاندار طريقي سان ملهايو وڃي. وزيراعظم 12 ربيع الاول جي موقعي تي رحمت اللعالمين ﷺ اٿارٽي قائم ڪرڻ جو ??علان ڪيو آهي. 12 ربيع الاول تي ٻه وڏيون تقريبون ٿينديون، هڪ تقريب ايوان صدر ۾ ٻي ڪنوينشن سينٽر ۾ ٿيندي، وزيراعظم وڏي مذهبي ميڙ کي خطاب ڪندو، هن چيو ته سمورن ٽي وي چئنلز کي درخواست ڪئي وئ?? آهي ته رحمت اللعالمين ﷺ جي حوالي سان موضوعن تي پروگرام نشر ڪيا وڃن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته رسول اڪرم ﷺ جي ذات پاڪ حق جو پيغام آهي، ان جي روشني ۾ اسان اڳتي وڌنداسين.