اسلام آباد – 19 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت ملڪ ۾ عام ماڻهو کي گهر جي سهولت ??راهم ڪرڻ جي ل??ءِ رهائشي منصوبن تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، هن وقت هڪ لک گهر تعمير هيٺ آهن، بئنڪن گهرن جي تعمير جي ل??ءِ 24 ارب رپين جا قرض ڏنا آهن، ماضي ۾ ڪنهن ح??ومت عام ماڻهو کي گهر جي سهولت ??راهم ڪرڻ جو نه سوچيو، اسان کي انفراسٽرڪچر ٺاهڻ ۾ 2 سال لڳي ويا، هاڻي تمام تيزي سان ان منصوبي تي ڪم ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن فراش ٽائون ۾ 4400 اپارٽمينٽس جي تعمير جي منصوبي جي معائني دوران ڪيو. ان منصوبي جي پيڙهه جو پٿر هلندڙ سال اپريل ۾ رکيو ويو هو. وزيراعظم چيو ته ماضي ۾ ڪنهن ح??ومت گهٽ آمدني ۽ پگهاردار طبقي کي رهائشي سهولتن جي فراه??ي جو نه سوچيو. انهن جي اها ترجي?? نه هئي، ان ل??ءِ رڳو پئسي وارا ماڻهو ئي گهر ٺاهي سگهندا هئا. عام ماڻهو جي ل??ءِ اهو هڪ خواب هو. اسان اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ گهٽ آمدني وارن ماڻهن کي رهائشي سهولتن جي فراه??ي جي منصوبن جو اعلان ڪيو ۽ انفراسٽرڪچر ڊويلپ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ڇو ته ماضي ۾ انفراسٽرڪچر ئي موجود نه هو. بئنڪ عام ماڻهو کي گهت جي تعمير ل??ءِ قرض نه ڏيندي هئي. اسان کي 2 سال قانونسازي ۾ لڳي ويا. هاڻي بئنڪن عام ماڻهو کي گهر جي تعمير ل??ءِ قرض ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن. هن چيو ته ڀارت ۾ 10 سيڪڙو، ملائيشيا ۾ 30 سيڪڙو ۽ اولهه ملڪن ۾ 80 سيڪڙو گهر بئنڪن کان قرض وٺي تعمير ڪيا وڃن ٿا جڏهن ته ان جي ابتڙ پاڪستان ۾ 2018ع ۾ اها شرح رڳو 0.2 سيڪڙو هئي. حڪومت گهٽ آمدني وارن طبقن جي ل??ءِ بئنڪن کان قرض شروع ڪرايا. هائوسنگ جي شعبي کي مراعتون ڏنيون. ون ونڊو آپريشن شروع ڪيو ته جيئن عام ماڻهو کي آساني سان قرض ملي سگهي. ان کانسو??ءِ حڪومت هائوسنگ جي شعبي ۾ سبسڊيز جو اعلان ڪيو. 5 مرلا جي گهر جي ل??ءِ پهريان 5 سال 5 سيڪڙو سبسڊي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو، هيٺئين طبقي کي سروس چارج تي 2 سيڪڙو سبسڊي ڏني ۽ پهريان 5 سال 10 مرلا جي گهر جي ل??ءِ 7 سيڪڙو مارڪ اپ جو اعلان ڪيو. حڪومت 35 ارب رپيا سبسڊي جي ل??ءِ رکيا. پهرين هڪ لک گهرن جي تعمير ل??ءِ 3 لک في گهر سبسڊي جي ل??ءِ رکيو. يعني جيڪڏهن 25 لک جو گهر ٺهي ٿو ته حڪومت 3 لک رپين جي سبسڊي ڏيندي جنهن سان قرضن جي قسط گهٽ ٿي ويندي. حڪومت جي ڪوشش آهي ته هڪ عام ماڻهو جيڪي پئسا پنهنجي گهر جي ڪرائي جي مد ۾ ڏي ٿو اٽڪل ايتري ئي رقم هو گهر جي قسط جي صورت ۾ ڏئي گهر جو مالڪ بڻجي ويندو. حڪومت تعميراتي لاڳت کي گهٽ ڪرڻ جي ل??ءِ به ڪيتريون ئي مراعتون نيون ۽ 90 سيڪڙو ٽيڪسز گهٽ ڪيا. وزيراعظم ٻڌايو ته هن وقت هڪ لک گهر ۽ اپارٽمينٽس تعمير هيٺ آهن. بئنڪن وٽ 226 ارب رپين جي قرصن جي ل??ءِ 61 هزار درخواستون موجود آهن جڏهن ته گهرن جي تعمير ل??ءِ 90 ارب رپين جي قرضن جون درخواستون منظور ٿي چڪيون آهن، بئنڪن هيستائين 24 ارب رپيا فراهم ڪري چڪيون آهن. وزيراعظم چيو ته فراش ٽائون ۾ 670 ڪينال زمين تي 4400 اپارتمينٽس جي تعمير جاري آهي. ان مان 2000 اپارٽمينٽس گهٽ آمدني وارن طبقن جي ل??ءِ آهن. 400 اپارٽمينٽس ڪچي آبادي ۾ رهندڙ ماڻهن جي ل??ءِ رکيا ويا آهن. 2 هزار اپارٽمينٽس مڊل انڪم ۽ پگهاردار طبقي کي ڏنا پيا وڃن. ان تي 15.3 ارب رپيا لاڳت ايندي. وزيراعظم منصوبي تي تيزي سان ڪم ڪرڻ تي ايف ڊبليو او، سي ڊي اي ۽ نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته پهريان ٻه ڇو ته انفراسٽرڪچر ۾ لڳي ويا پر هاڻي انفراسٽرڪچر بڻجي چڪو آهي، ان ل??ءِ باقي گهر وڏي تيزي سان تعمير ٿيندا.