اسلام آ??اد – 29 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته مريم ??فدر جي مبينه آڊيو منظرعام تي اچڻ کانپوءِ اطلاعات واري وزارت معاملي جي انڪوائري ڪر?? رهي آهي. ڪجهه ڏينهن ۾ مريم ??فدر جي آڊيو بابت جاچ مڪمل ٿي ويندي، 2008ع کان هن وقت تائين اشتهارن جي تفصيلن تي رپورٽ پيش ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس کي بريفنگ جي دوران ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس سومر تي ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو، اجلاس ۾ ن ليگ جي حڪومتي دور ۾ ميڊيا چئنلز کي اشتهار ڏيڻ جو معاملو غور هيٺ آيو، مملڪتي وزير فرخ حبيب سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي چيو ته مريم ??فدر جي مبينه آڊيو منظرعام تي اچڻ کانپوءِ اطلاعات واري وزارت معاملي جي انڪوائري ڪر?? رهي آهي، هن چيو ته ڪجهه ڏينهن ۾ مريم ??فدر جي آڊيو بابت تحقيقات مڪمل ٿي ويندي، 2008ع کان هن وقت تائين اشتهارن جي تفصيلن تي رپورٽ ڪميٽي ۾ پيش ڪنداسين، فرخ حبيب چيو ته مريم ??فدر ڪجهه چئنلز کي اشتهار نه ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي جاچ ڪميٽي ان ڳالهه کي به ڏس?? رهي آهي ته مريم ??فدر ڪهڙي حيثيت ۾ اهي هدايتون ڏنيون، مملڪتي وزير چيو ته ان ڳالهه جو به جائزو ورتو پيو وڃي ته ن ليگ جي دور ۾ اشتهار ڏيڻ جو ميڪنزم ڪهڙو هو، فرخ حبيب چيو ته اشتهارن جي روڪڻ سان آزادي صحافت جي متاثر ٿيڻ جي رخن کي به ڏس?? رهيا آهيون، ڪميٽي جي چيئرمين فيصل جاويد چيو ته ڪنهن کي ته تمام ??هڻا اشتهار مل?? رهيا آهن ۽ ڪنهن کي نه هجڻ جي برابر آهن، ڪميٽي جي چيئرمين ن ليگ دور ۾ ميڊيا چئنلز کي ڏنل اشتهارن جا تفصيل طلب ڪري ورتا.