پشاور- 16 ڊسمبر (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي وڏي وزير محمود خان چيو آهي ته 16 ڊسمبر جو ڏينهن اسان کي ان الميي جي يا?? ڏياري ٿو جڏهن انسانيت جي دشمنن معصوم شاگردن کي بيدرديءَ سان قتل ڪيو. اي پي ايس جي شهيدن جو غم اڄ به اسان جي دلين ۾ زندهه آهي ۽ هميشه زندهه رهندو. آرمي پب??ڪ اسڪول پشاور جي شاگردن ۽ استادن جي شهادت هميشه يا?? رهندي. اهڙو اظهار هن اي پي ايس جي 7 ورسيءَ جي موقع?? تي جاري بيان ۾ ڪيو. وڏي وزير چيو ته آرمي پب??ڪ اسڪول جي معصوم ٻارن پنهنجي جانين جو نذرانو ڏئي ملڪ ۾ پائيدار امن جو بنياد رکيو ۽ پوري قوم حڪومت ۽ ادارن کي گڏيل دشمن خلاف متحد ڪيو.