اسلام آباد – 29 ڊسمبر (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان چيو آهي ته اسان کي روانگي واپار ۾ اض??في ۽ آمدني واپار تي دارومدار گهٽ ڪرڻ ۾ مددگار ماحولياتي نظام ۽ ڪلچر کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي، روانگي واپار ۾ اض??في جي لاءِ نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ برآمد ڪندڙن کي قومي سول ايوارڊز ڏنا ويندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ ۾ برآمدي ڪلچر کي فروغ ڏيڻ بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ توانائي واري وفاقي وزير حماد اظهر، ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت فياض ترين، صنعت واري وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير سيد علي حيدر زيدي، نيشنل فوڊ سيڪيور??ي واري وفاقي وزير سيد فخر امام، واپار واري صلاحڪار ع??دالرزاق دائود ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيرا??ظم چيو ته اسان کي هڪ ماحولياتي نظام ۽ هڪ اهڙو ڪلچر تيار ڪرڻو آهي جيڪو روانگي واپار کي وڌائي سگهي ۽ آمدني واپار تي اسان جو دارومدار گهٽ ڪري سگهي. هن چيو ته اسان کي اهڙن روانگي واپار ڪندرن جي ضرورت آهي جن کي روانگي واپار آ۾ اض??في ڪرڻ جي ڪارڪردگي جي بنياد تي قومي سول ايوارڊز سان نوازيو ويندو. وزيرا??ظم واپار واري وزارت کي هدايت ڪئي ته روانگي واپار ڪندڙن جي شڪايتن جي ازالي لاءِ پورٽل تيار ڪيو وڃي. هن روانگي واپار ۾ پائيدار اض??في جي لاءِ متحرڪ ڪردار ادا ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيرا??ظم سمورن لاڳاپيل کاتن کي هدايت ڪئي ته ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪندي ٺوس پاليسين ۽ شفافيت کي يقيني بڻايو وڃي. ان کان اڳ وزيرا??ظم جي واپار واري صلاحڪار ع??دالرزاق دائود وزيرا??ظم کي آگاهه ڪيو ته هن سال هن 10 سالن جي جمود کانپوءِ روانگي واپار ۾ رڪارڊ اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته وقت اچي ويو آهي ته برآمدي هدف ۾ وڌيڪ اض??في جي لاءِ قدم تيز ڪيا وڃن.