ميڊرڊ – 12 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان حڪومت قدرتي، سماجي، ثقافتي ۽ ماحولياتي ورثي جي تحفظ کي يقيني بڻائيندي پائيدار ترقي س??ن گڏوگڏ سياحت جي فروغ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. اها ڳالهه هن ميڊرڊ ۾ يو اين ورلڊ ٽوئرازم هيڊڪوارٽر ۾ يو اين ورلڊ ٽوئرازم آرگنائيزيشن جي جنرل سيڪري??ري سان ملاقات دوران چئي. يو اين ڊبليو ٽي او جي سيڪري??ري جنرل زوراب پولوليڪا شويلي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي جي آجيان ڪئي. اسپين ۾ پاڪستان جو سفير شجاعت راٺور پڻ پرڏيهي وزير س??ن گڏ هو. پرڏيهي وزير سيڪري??ري جنرل زوراب پولوليڪا شويلي کي ايندڙ چئن سالن جي مدي (2022ع کان 2025ع) جي لاءِ سيڪري??ري جنرل جي عهدي تي ٻيهر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ سياحت جي فروغ ۽ ورثي جي تحفظ جي ڏس ۾ يو اين ڊبليو ٽي او جي مو??ر ڪردار کي ساراهيو. شاهه محمود قريشي چيو ته ريتيءَ وارن سمنڊن کان وٺي شڪوه جبلن تائين پاڪستان ۾ ڪيتريون ئي سياحتي جايون مو??ود آهن. وزيراعظم عمران خان جي ويزن جي رو??ني ۾ پاڪستان حڪومت سياحت جي فروغ جي حوالي سان 10 سالا روڊ ميپ تي عمل پيرا آهي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان حڪومت سياحن جي سهولت لاءِ اي ويزا جاري ڪرڻ سميت ڪيترائي قدم کڻي رهي آهي، پاڪستان ۾ سيڪيورٽي جي صورتحال ۾ بهتري کي نظر ۾ رکندي ڪيترن ئي ملڪن پنهنجي ٽريول ايڊوائيزري تي نظرثاني ڪئي آهي. پرڏيهي وزير پاڪستان ۾ سياحت جي شعبي جي ڊيجيٽائيزيشن ۽ فني معاونت جي لاءِ يو اين ڊبليو ٽي او ٽيم جي مهارت مان فائدو کڻڻ جي اميد جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان حڪومت قدرتي، سماجي، ثقافتي ۽ ماحولياتي ورثي جي تحفظ کي يقيني بڻائيندي پائيدار ترقي س??ن گڏوگڏ سياحت جي فروغ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. پرڏيهي وزير يو اين ورلڊ ٽوئرازم آرگنائيزيشن جي سيڪري??ري جنرل کي ماحولياتي انحطاط کي منهن ڏيڻ ۽ فطرت سان محبت ڪندڙن جي لاءِ سياحتي جاين کي محفوظ بنائڻ جي لاءِ وزيراعظم جي 10 بلين سونامي ??ري منصوبي جي تفصيلن کان آگاهه ڪيو. يو اين ڊبليو ٽي او جي سيڪري??ري جنرل چيو ته پاڪستان ۾ ڪيتريون ئي جايون اهڙيون آهن جتي سياحن جو ڌيان آهي، وڏي پئماني تي ڪورونا ويڪسي نيشن کانپوءِ سياحن جي چرپر ۾ بهتري متوقع آهي. يو اين ڊبليو ٽي او جي سيڪري??ري جنرل سياحت جي فروغ لاءِ پاڪستان حڪومت پاران کنيل قدمن کي ساراهيندي سياحت جي فروغ جي لاءِ ڀرپور معاونت جي فراهمي جي خاطري ڪرائي.