اسلام آباد – 03 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اسان کي آبي وسيلن جي حوالي سان درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ علائقائي، جاگرافيائي، سياسي، اقتصادي ۽ ماحولياتي ڳ??لهين کي سامهون رکندي موثر قدم کڻڻا پوندا. هن اها ڳالهه آبي سفارتڪ??ري جي حوالي سان ??اه??ن جي ورڪنگ گروپ جي پهرين اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. انڊس واٽر ڪمشنر مهر علي شاهه، پاڻي معاملن جي ??اه??ن شرمين طارق، توانائي، پاڻي ۽ پائيد??ري پروگرام جي ريسرچ اينالسٽ فروا عامر ۽ پرڏيهي وزارت جي سينئر آفيسرن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، ورڪنگ گروپ جو اجلاس آبي سفارتڪ??ري بابت چئلينجز ۽ انهن کي منهن ڏيڻ لاءِ موثر لائحه عمل جوڙڻ جي حوالي سان غور ويچار لاءِ منعقد ڪيو ويو. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان جو شمار انهن ملڪن ۾ ٿئي ٿو جيڪي پاڻي جي شديد کوٽ جو شڪار آهن، زرعي ملڪ هجڻ جي ناطي اسان جي زرعي معيشت لاءِ پاڻي وسيلن جي دستيابي انتهائي اهميت و??ري آهي، شاهه محمود قريشي چيو ته اسان کي آبي وسيلن جي حوالي سان درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ علائقائي، جاگرافيائي، سياسي، اقتصادي ۽ ماحولياتي ڳ??لهين کي نظر ۾ رکندي موثر قدم کڻڻا پوندا.