اسلام آباد – 05 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان حڪومت، پاڪستاني عوام ۽ پنهنجي پاران ترڪيءَ ج?? صدر رجب طيب اردوان ۽ ترڪ خاتون اول جي ڪوويڊ مان مڪمل ۽ جلد صحتيابي جي ??واهش ظاهر ڪ??ي آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته مون کي اڄ ئي خبر پ??ي آهي ته ترڪيءَ ج?? صدر منهنجي ڀاءُ رجب طيب اردوان ۽ ترڪ خاتون اول ايمن اردوان جو ڪوويڊ 19 اوميڪرون ٽيسٽ پازيٽو آيو آهي. وزيراعظم عمران خان حڪومت، پاڪستاني عوام ۽ پنهنجي پاران ٻنهي جي ??لد ۽ مڪمل صحتيابي جي ??واهش ظاهر ڪئي.