اسلام آباد – 10 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته تعليمي ادارا آن لائين تعليم جي فروغ لاءِ آءِ ٽي انفرااسٽرڪچر تي سيڙپڪاري ڪن، اعليٰ تعليمي ۽ ٽيڪنيڪي ادارن کي ا??سا??ي وسيلا هنرمند بڻائڻ تي ڌيان ڏيڻو پوندو، ملڪي تعليمي ۽ باهنر ا??سا??ي وسيلن جون ضرورتون پورو ڪرڻ لاءِ ڪميونٽي ڪاليجز جي ضرورت آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موج?? صدر اهڙن خيالن جو اظهار نيشنل يونيورسٽي آف ماڊرن لينگويج نمل اسلام آباد جي باري ۾ بريفنگ دوران چئي، هن چيو ته پاڪستان کي هنرمند افرادي قوت جي گهٽتائي درپيش آهي، دنيا آن لائين تعليم طرف وڌي چڪي آهي، تعليمي لاڳت گهٽ ڪرڻ لاءِ آن لائين تعليمي ماپو ۽ ورچوئل ڪلاسز جو تعداد وڌائڻي پوندي، صدر چيو ته يونيورسٽي انتظاميه ختم ٿيندڙ ٻولين جي تحفظ ۽ بحالي لاءِ قدم کڻي، نمل جي ڊائريڪٽر ميجر جنرل (ر) محمد جعفر ملڪ ۾ اعليٰ تعليم جي فروغ ۾ يونيورسٽي جي ڪردار جي باري ۾ بريفنگ ڏني، صدر کي بريفنگ ۾ آ??اهه ڪيو ويو ته شاگرد?? ۾ ??نقيدي ۽ تجزياتي سوچ پيدا ڪرڻ لاءِ تدريس جو تصوراتي نقطه نظر متعارف ڪرائي رهيا آهيون، هن ٻڌايو ته هن وقت 22 هزار شاگرد يونيورسٽي جي مختلف شعب?? ۾ ??عليم هيٺ آهن، نمل ڊائريڪٽر آءِ ٽي جي بنيادي ڍانچي جي ترقي آءِ ٽي کي لينگويج سکڻ ۽ ترجمي ۾ مربوط ٺاهڻ سميت اعليٰ معيار جي تحقيق جي فروغ لاءِ قدمن تي روشني وڌي.