اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان جي صدارت ۾ سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل ۽ سنڌ مان پي ٽي آءِ جي قومي اسيمبلي ميمبرن جو اجلاس ٿيو. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ معاشري جي غريب طبقن جي سهولت لاءِ قومي صحت ڪارڊ، ڪامياب جوان پروگرام ۽ اح??اس راشن رعايت پروگرام جهڙن تاريخي حڪومتي قدمن تي وزيرا??ظم کي ساراهيو ويو. ان موقعي تي سنڌ جي اسيمبلي ميمبرن وزيرا??ظم کي درخواست ڪئي ته سنڌ جي ماڻهن جي لاءِ به وفاقي فنڊز مان صحت ڪارڊ جاري ڪيو وڃي ڇو ته سنڌ جي صوبائي حڪومت ان مقصد جي لاءِ وسيلا رکڻ جي لاءِ تيار نه آهي. وزيرا??ظم انهن کي يقين ڏياريو ته هو سنڌ جي عوام جي مفاد لاءِ ان سلسلي ۾ سمورن ممڪن آپشنز تي غور ڪري حل ڪڍندو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اسد عمر، محمد ??ڪر?? چيما، علي حيدر زيدي، محمد ميان سومرو ۽ وزيرا??ظم جي خاص معاون ملڪ عامر ڊوگر شرڪت ڪئي. قومي اسيمبلي ميمبرن محمد ??ڪر?? چيما، آفتاب حسين صديقي، محمد عالمگير خان، سيف الرحمان، آفتاب جهانگير، محمد اسلم، غزالا سيفي، نصرت وحيد، نزهت پٺاڻ، جئه پرڪاش، رميش ڪمار ۽ لال چند مالهي پڻ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.