اسلام آباد – 15 – مارچ (اي پي پي) ??طل??عات ۽ نشريات واري وفاقي وزي?? چوڌري فواد حسين چيو آهي ته اسان جي سياست جو بنياد جمهوريت آهي، عوام جي راءِ اسان جي لاءِ مقدم آهي، اسلام آباد ۾ جلسي جو مقصد ٽڪراءُ نه آهي، تحريڪ انصاف هڪ جمهوري پارٽي آهي، اسان شدت پسندي جي سياست ناهيون ڪندا، نه ئي ٽڪراءُ تي يقين رکون ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار ??طل??عات ۽ نشريات واري وفاقي وزي?? چوڌري فواد حسين پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ڪيو، چوڌري فواد حسين چيو ته چوڌري شجاعت صاحب معتبر شخصت آهي، وزيراعظم چوڌري صاحب کي ??دائين عزت ڏني آهي، جمهوريت ۾ عوام جي راءِ اصل فيصلو آهي ۽ جلسا ان راءِ جي اظهار جو هڪ اهم ذريعو آهن، جيڪڏهن مخالف ڌر پرامن جلسو ڪرڻ چاهي ٿي ته ان جلسي کي ??ه ڀليڪار چئون ٿا ۽ هر طرح جي سهولت ڏينداسين.