اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سان پاڪستان تحريڪ انصاف نيويارڪ جي صدر ??مجد نواز جي قيادت ۾ وفد سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي ۽ اوورسيز ڪنوينشن سميت ٻين اهم سياسي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي وفاقي وزير اوورسيز ڪنوينشن ۾ تحريڪ انصاف نيويارڪ جي وفد جي شرڪت تي خصوصي ٿورو ادا ڪيو، وفاقي وزير چيو ته حڪومت پرڏيهي پاڪستان??ن جي مسئلن جي حل لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي، اوورسيز پاڪستا??ين کي ووٽ جو حق ڏيڻ لاءِ ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن حڪومت آواز بلند ڪيو ۽ انهن کي اهو حق ڏنو. تحريڪ انصاف جي صدر ??مجد نواز ملاقات دوران چيو ته اوورسيز پاڪستا??يز پي ٽي آءِ جي حڪومت سان گڏ ب??ٺل آهن، ملڪي ترقي ۾ اوورسيز پاڪستان??ن جو اهم ڪردار آهي، اوورسيز پاڪستاني ملڪ کي معاشي طور تي مضبوط بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهندا. هن چيو ته اوورسيز پاڪستا??يز ملڪ جي معاشي ترقي لاءِ وزيراعظم عمران خان جا ساٿي بڻجندا. هن چيو ته انشاءُ الله مخالف ڌر پنهنجي ارادن ۾ ناڪام ٿيندي ۽ عمران خان هڪ دفعو ٻيهر سرخرو ٿيندو.