اسلام آباد – 20 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وز??ر مخدوم شاهه محمود قريشي سان جم??وريه مصر جي پرڏيهي وز??ر سامح حسن شڪري پرڏيهي وزارت ۾ مل??قا?? ڪئي. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب مل??قا?? دوران ٻطرفن لاڳاپن، مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ سميت اهم علائقائي ۽ ع??لم?? معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وز??ر مخدوم شاهه محمود قريشي او آءِ سي پرڏيهي وز??رن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ پاڪستان اچڻ تي مصري پرڏيهي وز??ر جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته او آءِ سي پرڏيهي وز??رن واري ڪائونسل جو اجلاس اهڙي وقت ۾ ٿي رهيو آهي جڏهن پاڪستان پنهنجي قائم ٿيڻ جي 75 هين سالگرهه ملهائي رهيو آهي. مخدوم شاهه محمود قريشي وڌيڪ چيو ته مصر خطي جو هڪ اهم ڀائر ملڪ آ??ي. هن چيو ته مصري صدر عبدالفتاح السيسي جي قابل قيادت ۾ مصر جو سياسي استحڪام ۽ سلامتي طرف سفر خوشي جوڳو آهي. مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته ٻنهي ملڪن جي عوام گڏيل عقيدي ۽ ثقافتي وابستگين جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌل آهي. ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ علائقائي ۽ ع??لم?? معاملن جي حوالي سان موقف ۾ هم آهنگي اطمينان جو سبب آهي. مصر جي پرڏيهي وز??ر سامح حسن شڪري شاندار استقبال ۽ پرخلوص ميزباني تي پرڏيهي وز??ر مخدوم شاهه محمود قريشي جا ٿورا مڃيا.