اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيرا??ظم شهباز شريف ملڪه ب??طا??يا ايلزبيٿ ٻه جي لاڏاڻي تي ب??طا??وي وزيرا??ظم الزبيٿ ٽرس کي تعزيتي خط لکيو آهي جنهن ۾ ملڪه ايلزبيٿ ٻه جي لاڏاڻي تي ب??طا??وي هم منصب ۽ ان جي وسيلي شاهي خاندان سان گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيرا??ظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيرا??ظم خط ۾ چيو ته بحيثيت ملڪه ب??طا??يا تي ڊگهي ترين مدي تائين ??ڪمران ڪرڻ سان گڏوگڏ ملڪه ايلزبيٿ ٻه ان سموري عرصي ۾ ب??طا??يا ۽ سڄ?? دنيا ۾ مثبت تبديلين ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، ملڪه ايلزبيٿ ٻه جي دولت مشترڪه جي لاءِ خلوص ۽ ان جي انٿڪ نگراني ۾ اها تنظيم دنيا جي سڀ کان وڏي آزاد ملڪن جي تنظيم بڻجي وئي. وزيرا??ظم چيو ??ه ڊگهي عرصي تائين ??وامي مفادن جي تحفظ جي لاءِ خدمتن جي باوجود ملڪه ايلزبيٿ جي شخصيت ۽ ان جي موجودگي يونائيٽيڊ ڪنگڊم ۽ سڄ?? دنيا جي ماڻهن جي لاءِ اتحاد ۽ اخوت جي طاقت جو نشان بڻي، ب??طا??يا ۽ دولت مشترڪه جي سربراهه طور پاڪستاني عوام جي ملڪه ايلزبيٿ جي لاءِ سدائين ??حترام ۽ عزت جا جذبا رهيا. وزيرا??ظم چيو ته ڏهاڪن تي ٻڌل ان جي حڪومت دوران پاڪستاني عوام ۽ ملڪه ايلزبيٿ جي وچ ۾ ان عزم ۽ احترام جي رشتي ۾ مضبوطي ۾ اضافو ٿيو. وزيرا??ظم چيو ته مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ مون سميت پوري پاڪستاني قوم جون سموريون همدرديون ب??طا??وي شاهي خاندان، ب??طا??وي حڪومت ۽ عوام سان گڏ آهن.