اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سنگين ڏوهن جا الزام ثابت ٿيڻ تي موت جي سزا ماڻيندڙ 5 ڏوهارين جي رحم جون اپيلون رد ڪري ڇڏيون. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي محمد شعبان ولد محمد انور جي رحم جي اپيل رد ڪري ڇڏي، محمد شعبان کي ٽن ??الن جي ٻارڙي سان زيادتي ۽ قتل ڪرڻ جي ڏوهه ۾ موت جي سزا ٻڌائي وئي هئي. محمد عمران ولد فقير محمد جي رحم جي اپيل پڻ رد ڪئي وئي، محمد عمران گهريلو جهيڙي کانپوءِ پنهنجي زال ۽ ٻن ڌيئرن کي ڪات س??ن قتل ڪيو هو. صدر محمد افضل ولد محمد اصغر علي جي اپيل پڻ رد ڪري ڇڏي آهي، محمد افضل کي والدين ۽ 6 ڀينرن ڀائرن سميت پنهنجي خاندان جي 8 ماڻهن کي قتل ڪرڻ تي موت جي سزا ٻڌائي وئي هئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي محمد اڪبر ۽ محمد اصغر ولد محمد اڪرم جي رحم جي اپيل پڻ رد ڪري ڇڏي، محمد اڪبر ۽ محمد اصغر ٻن ماڻهن کي معم??لي جهيڙي کانپوءِ قتل ڪيو هو. صدر آئين جي آر??يڪل 45 تحت انهن اپيلن کي رد ڪيو آهي. آئين جي آر??يڪل 45 تحت صدر ڪنهن به عدالت، ٽربيونل يا ٻي اٿارٽي پاران ڏني ويندڙ سزائن کي معاف ڪرڻ، معطل ڪرڻ يا گهٽ ڪرڻ جو اختيار رکي ٿو.