لاهور – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) والاريل ڪشمير تي قبضي خلاف ڪاري ڏينهن جي حوالي سان ڊي ايس آفيس ريلوي ڊويزن لاهور ۾ هڪ ريلي ڪڍي وئي، جنهن ??ي قيادت پاڪستان ريلوي لاهور ڊويزن جي ڊويزنل سپرنٽينڊنٽ محمد حن??ف گل ڪئي. ريلي ۾ ڊويزنل آفيسرن کانسواءِ ريلوي ملازمن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. ريلي ۾ ريلوي آفيسرن ۽ ملازمن پاران ڪشميري ڀينرن ۽ ڀائرن جي حمايت ۾ نعريبازي ڪئي وئي ۽ ڀارت جي خلاف سخت غم ۽ غصي ج?? اظ??ار ڪيو ويو ۽ ڀارت مخالف نعرا هنيا ويا.