اسلام آباد- 21 نومبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي و??ير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي گهروارن جي ٽيڪس معلومات جي غير قانوني ۽ غير ضروري ليڪ ٿيڻ جو سخ??ي سان نوٽيس وٺندي خاص م??دگار طارق محمود پاشا کي ايف بي آر ڊيٽا جي خلاف ورزي جي فوري جاچ ڪرڻ جي هدايت ڪئ?? آهي. ناڻي واري وفاقي و??ير ان سلسلي ۾ 24 ڪلاڪن ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئ?? آهي. ناڻي واري وزارت طرفان جاري بيان مطابق ناڻي واري وفاقي و??ير اسحاق ڊار، آرمي چيف جي گهروارن جي ٽيڪس معلومات جي غير قانوني ۽ غير ضروري ليڪ ٿيڻ جو سخت نوٽيس ورتو آهي. هن چيو ته اهو واضح طور تي ٽيڪس جي معلومات جي مڪمل را??داري جي خلاف ورزي آهي جيڪو قانون فراهم ڪندو آهي. ڪجهه غير ذميوارن طرفان ان سنگين ڪوتاهي کي نظر ۾ رکندي ناڻي واري وفاقي وزير، وزيراعظم جي خاص م??دگار طارق محمود پاشا کي هدايت ڪئ?? آهي ته هو ذاتي طور تي ٽيڪس قانون ۽ ايف بي آر جي ڊيٽا جي خلاف ورزي جي فوري جاچ جي قيادت ڪري ۽ ذميوارن جو تعين ڪندي 24 ڪلاڪن ۾ رپورٽ پيش ڪري.