اسلام آباد – 21 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اينڪر پرسن شفا يوسفزئي جي گهر هٿياربند ماڻهن جي زبردستي داخل ٿيڻ ۽ ملازمن تي تشدد جو سخ?? نوٽيس وٺندي آءِ جي اسلام آباد کان رپورٽ طلب ڪري ورتي. وزيراع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته واقعي جي شديد مذمت ڪريون ٿا، عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ اولين ذميواري آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته جوابدارن جو سراغ لڳائي قانون موجب سخ?? سزا ڏني وڃي. وزيراعظم اينڪر پرسن شفا يوسفزئي ۽ سندس و??لدين سان يڪجهتي جو اظهار پڻ ڪيو.