اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي آل پاڪستان نيوز پيپرز سوسائٽي جي نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏني آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ناز آفريدي، سحر لاکاڻ?? ۽ ??رمد علي کي اي پي اين ايس جو متفقه لاڳاپيل صدر ۽ سيڪريٽري جنرل چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏيندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته نوان چونڊيل عهديدار ملڪ ۾ ميڊيا جي ترقي لاءِ قدم وڌيڪ تيز ڪندا. صدر امتنان شاهد کي سينيئر نائب صدر طور، محمد اسلم قاضي کي نائب صدر، ايس ايم منير جيلاني کي جوائنٽ سيڪريٽر?? ۽ ??هاب زبيري کي فنانس سيڪريٽري اي پي اين ايس چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته ميڊيا ملڪ ۾ امن، برداشت، اخلاق?? ۽ ??مهوري قد??ن جي فروغ لاءِ ڪم ڪري. ڊاڪٽر عارف علوي فيڪ نيوز کي ر??ڪڻ جي لاءِ اخبارن پاران ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته ميڊيا سماجي مسئلن، عورتن ۽ خصوصي ماڻهن جي حقن تي ماڻهن ۾ آگاهي پيدا ڪري.