اسلام آباد – 26 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته سوڊان مان پاڪستاني شهرين کي ڪڍڻ جو منصوبو جاري آهي جنهن تحت پورٽ سوڊان م??ن 37 پاڪستاني شهري سامونڊي جهاز ذريعي جده پهچي ويا. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ترجمان چيو ته جده ۾ قونصل جنرل خالد مجيد جده ايئرپورٽ په??ڻ تي ان??ن جو استقبال ڪيو. هن چيو ته اسان سوڊان مان پاڪستاني شهرين کي ڪڍڻ جي سلسلي ۾ ت??اون ۽ مهمان نوازي جي لاءِ سعودي عرب جا ٿورائتا آهيون.