اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي پ??ڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ سمورين سياسي پ??رٽين جي مشاورت سان شرڪت ڪئي، ايس سي او جي اجلاس ۾ شرڪت ڪارائتي ثابت ٿي، ڀارت ۾ ويهي ڀارتي بيانيي جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو، پا??ستان دهشتگردي کان شديد متاثر ٿيو، دهشتگردي پوري دنيا، خطي ۽ پا??ستان جو به مسئلو آهي، شهيد بينظير ڀٽو جو پٽ ۽ دهشتگردي جو سڀ کان وڌيڪ متاثر آهيان. اهڙن خيالن جو اظهار هن سينيٽ جي پ??ڏيهي ??عا??لن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. سينيٽ جي پ??ڏيهي ??عا??لن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. اجلاس جي صدارت ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر فاروق ايڇ نائيڪ ڪئي، اجلاس ۾ پرڏيهي سيڪريٽري ۽ ٻيا عملدار شريڪ ٿيا. پرڏيهي وزير چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم جو نالو وٺڻ کانسواءِ اسان جي ميزبان ڪجهه ??عا??لا اٿاريا، شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس دوران مختل?? ملڪن جي پ??ڏيهي وزيرن سان ملاقاتون ٿيون، ايس سي او جي اجلاس ۾ پا??ستان جي موقف کي سڀني جي سامهون رکيو. هن چيو ته گووا وڃڻ کان اڳ طئي ڪيو هو ته ڀارتي پ??ڏيهي وزير سان ملاقات نه ڪنداسين. پرڏيهي وزير چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم گهڻ رخو فورم آهي جنهن جو پا??ستان 2017ع ۾ ميمبر بڻيو آهي. هن چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم جي پ??ڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت جي موقعي تي ڀارت ۾ مسلمانن ۽ ڪشميرين جي خلاف ٿيندڙ پروپئگنڊه جو جواب ڏيڻ جو موقعو مليو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پا??ستان هڪ پرامن ملڪ آهي ۽ هو خطي ۾ امن جو خواهشمند اهي، ڀارتي بيانيي جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو، پا??ستان دهشتگردي کان شديد متاثر ٿيو، دهشتگردي پوري دنيا، خطي ۽ پا??ستان جو به مسئلو آهي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته آئون شهيد بينظير ڀٽو جو پٽ ۽ دهشتگردي جو سڀ کان وڏو متاثر آهيان. هن چيو ته سعودي عرب ۽ ايران جي وچ ۾ لاڳاپن جي بحالي جي آجيان ڪريون ٿا. پرڏيهي وزير چيو ته آئون ڪنهن به پليٽ فارم کي ڇڏڻ جو حامي نه آهيان، آگسٽ 2019ع کانپوءِ شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ ڪافي مشڪل هو. هن چيو ته جيڪڏهن ڪميٽي اجازت ڏي ته جي – 20 اجلاس تي ان ڪئميره بريفنگ بهتر ڏئي سگهان ٿو. سينيٽ جي پ??ڏيهي ??عا??لن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪميٽي جي ميمبرن ۽ لاڳاپيل عملدارن پڻ شرڪت ڪئي.