اسلام آباد – 08 – جون (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته ترڪ??ان??تان جي وفد جي پاڪستان جي دوري دوران ڳالهه ٻولهه ۾ توانائي جي شعبي ۾ ٻطرفي تعاون تي ڌيان ڏنو ويندو. اها ڳالهه ترجمان پريس بريفنگ ۾ ٻڌائي. هن چيو ته ترڪ??ان??تان جو هڪ اعليٰ سطحي وفد مملڪتي وزير ۽ ترڪمن گئس جي چيئرمين جي قيادت ۾ ٽن ڏينهن جي دوري تي گذريل ڏينهن پاڪستان پهتو آهي. هن چيو ته ڳالهه ٻولهه ۾ توانائي جي شعبي ۾ ٻطرفي تعاون بشمول ترڪ??ان??تان – افغانستان – پاڪستان – ڀارت (تاپي) گئس پائيپ لا??ين ۽ ترڪ??ان??تان – افغانستان – پاڪستان پاور ٽرانسميشن لا??ين پراجيڪٽ تي ڌيان ڏنو ويندو. هن اميد ظاهر ڪئي ته ٻئي ڌريون (تاپي) پائيپ لا??ين پراجيڪٽ جي تيز رفتار عملدرآمد جي لا??ِ ”گڏيل عملدرآمد پلان“ کي حتمي شڪل ??ين??يون. هن چيو ته منصوبي جي پڄاڻي پاڪستان جي عزم سان گڏوگڏ سستي، قابل اعتماد ۽ پائيدار توانائي جي لا??ِ ان جي عزم جو عڪاس هوندو.