اسلام آباد- 09 جون (اي پي پي) ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ ب??لي جي پيداوار، رسد ۽ ورڇ جي بهتريءَ لا??ِ 107 ارب رپيا رکڻ جي تجويز ڏني و??ي آهي. وفاقي و??ير سينيٽر محمد اسح??ق ڊار وفاقي ڪابينه کان منظوريءَ کان پوءِ وفاقي بجيٽ جي دستاويز قومي اسيمبليءَ ۾ پيش ڪندي چيو آهي ته ملڪ ۾ بجليءَ جي پيداواري صلاحيت 41 هزار ميگاواٽ تائين پهچي چڪي آهي، ان ۾ پن بجليءَ جو حصو 25 سيڪڙو آهي. هن چيو ته موجوده حالتن ۾ ضروري آهيته ب??لي جي پيداوار ۾ ملڪي و??يلن ۽ تجديد جوڳي توانائيءَ جو وڌ کان وڌ استعمال ڪري سگهجي ته جيئن ملڪي آمدني و??پار کي گهٽ ڪري سگهجي ۽ ب??لي جي پيداواري لاڳت ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي، ان سان گڏوگڏ ب??لي جي رسد جي نظام ۾ بهتري آڻڻ به حڪومتي ترجيحن ۾ شامل آهي. اسح??ق ڊار چيو ته پي ايس ڊي پي ۾ وڌ کان وڌ رسد واري نظام جي بهتري آڻڻ به حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي. اسح??ق ڊار چيو ته ب??لي جي شعبي ۾ ڪوئلي مان هلندڙ ڄامشورو پاور پلانٽس 1200 ميگاواٽ جي تڪميل لا??ِ اينڊڙ مالي سال ۾ 12 ارب رپين جي رقم رکي ويندي. پاڪستان ۽ تاجڪستان وچ ۾ 500 ڪي وي ٽرانسميشن لا??ين جي منصوبي کي اڳتي وڌائڻ لا??ِ 16 ارب رپيا رکڻ جي تجويز پيش ڪئي آهي. اين ٽي ڊي سي جي موجوده گرڊ اسٽيشنز ۾ گنجائش ۾ بهتري آڻڻ لا??ِ 5 ارب رپيا، سڪي ڪناري، ڪوهالا ۽ محل هائيڊرو پلانٽ مان ب??لي جي رسد لا??ِ 13 ارب رپيا ۽ داسو هائيڊرو پاور پلانٽ مان ب??لي جي رسد لا??ِ 6 ارب رپيا فراهم ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي آهي. اسح??ق ڊار چيو ته پاڪستان پنهنجي توانائي جي ضرورتن لا??ِ آمدني و??پار تي ڀاڙي ٿو، ان آمدني و??پار جي قيمت ۾ ناڻي و??ڌ جو هڪ اهم سبب آهي ۽ ان جي قيمت ۾ گهٽتائي ڪرڻ لا??ِ اسان جي حڪومت پاڪستاني ڪوئلي جي استعمال ۽ شمسي توانائي کي هٿي ڏيارڻ لا??ِ پختو ارادو رکي ٿي. ان سلسلي ۾ مختلف قدم کنيا پيا وڃن جن ۾ ڪوئلي تي هلندڙ ب??لي جي ڪارڪنن جي ترغيب ڏني پئي وڃي ته هو مقامي ڪوئلو استعمال ڪن. اهڙيءَ طرح سولر پينلز، انورٽر ۽ بيٽريز ۽ خا?? مال کي ڪسٽم ڊيوٽي کان آجو ڪيو پيو وڃي. خا?? تيل، ريفائينڊ پيٽروليم شيون اسان جي توانائيءَ جي ضرورتن جو وڏو حصو آهن ۽ ماضيءَ ۾ ڪيترائي ڀيرا انهن شين جي کوٽ پيدا ٿي آهي جنهن سان سپلاءِ چين ۾ رڪاوٽون آيون، هاڻي اهڙي صورتحال کي مُنهن ڏيڻ لا??ِ پيٽروليم شين لا??ِ بانڊڊ بلڪ اسٽوريج جي پاليسي جاري ڪئي پئي وڃي، ان پاليسيءَ تحت پرڏيهي سپلائر پنهنجي مالي و??يلن لا??ِ بين الاقوامي منڊيءَ مان خا?? تيل ۽ پيٽروليم شيون پاڪستان گُهرائي بانڊڊ بلڪ اسٽوريج ۾ ذخيرو ڪندا. ضرورت وقت ريفائنري يا آئل مارڪيٽنگ ڪمپنيءَ کي غير ملڪي سپلائر کان هي شيون خريد ڪرڻ جي اجازت هوندي.