اسلام آباد – 21 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چي?? آهي ته اندروني ۽ ٻاهرئين عملن جي ڪري پيدا ٿيندڙ معاشي چئلينجن جي ڏس ۾ پاڪستان کي خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جهڙي نمائنده فورم جي ??رورت ڊگهي عرصي کان محسوس ڪئي پئي وئي، معاشي پاليسيون جوڙڻ، دوست ملڪن س??ن سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ جي لاءِ اسپيشل انويسٽمينٽ فيسيلي ٽيشن ڪائونسل قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ڪائونسل جو فوري هدف ٻاهرئين سڌوسنئون سيڙپڪاري کي 5 بلين ڊالر تائين وڌائڻ آهي، اها ڪائونسل معيشت جي ڍانچي ۾ بنيادي سڌارن کي ا??تي وڌائڻ جي لاءِ فيصلاسازي جي هڪ اعليٰ فورم طور ڪم ڪندي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چي?? ته ملڪ کي معاشي چئلينجن مان ڪڍي پائيدار ترقي جي ??اهه تي گامزن ڪيو آهي، اتحادي حڪومت معاسي پاليسيون جوڙڻ جي مينڊيٽ سان گڏ هڪ اسپيشل انويسٽمينٽ فيسيلي ٽيشن ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جيڪا معيشت جي ??حالي جي لاءِ پاليسي ۾ رهنمائي، تسلسل ۽ موثر لاڳو کي يقيني بڻائيندي. وزيراعظم چي?? ته پنهنجي ??اخت جي ڪري ڪائونسل معيشت جي ڍانچي ۾ بنيادي سڌارن کي ا??تي وڌائڻ جي لاءِ فيصلاسازي جي هڪ اعليٰ فورم طور ڪم ڪندي. فورم آءِ ٽي، زراعت، توانائي، معدنيات ۽ کاڻ کوٽائي ۽ دفاعي پيداوار جهڙن اهم شعبن تي ڌيان ڏيندو. هن چي?? ته دوست ملڪن س??ن سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ ڪائونسل جي ??هم مقصدن مان هڪ آهي. فوري هدف ٻاهرئين سڌوسنئون سيڙپڪاري کي 5 بلين ڊالر تائين وڌائڻ آهي. وزيراعظم چي?? ته اندروني ۽ ٻاهرئين عملن جي ڪري پيدا ٿيندڙ معاشي چئلينجن جي ڏس ۾ ڪائونسل جهڙي نمائنده فورم جي ??رورت ڊگهي عرصي کان محسوس ڪئي پئي وئي. گهڻ رخي مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ نصابي ڪتاب جو طريقيڪار هاڻي قابل عمل نه آهي. ان لاءِ معيشت کي پاڻڀرائپ، درآمدات تي ٻڌل ۽ مضبوط، ٻاهرئين لوڏن ۽ هلچل کي برداشت ڪرڻ جي قابل بڻائڻ جي لاءِ گڏيل حڪمت سان فائدو کڻڻ جي ??ڃا وڌيڪ ضرورت آهي. وزيراعظم چي?? ته اسان جي مسئلن جو حل تخليقي خيالن ۾ لڪل آهي.