اسلام آباد – 25 – آگسٽ (ا?? پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان سينيٽر مولانا عبدالغفور حيدري جي ق??ادت ۾ جمعيت علماءِ اسلام جي 14 رڪني وفد ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ ??ار??ن جاري بيان موجب وفد انوارالحق ڪاڪڙ کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وفد جي بٽگرام سان تعلق رکندڙ اڳواڻن چيئر لفٽ واقعي ۾ لاڳاپيل عملدارن جي موثر ۽ وقت سر ڪارروائي تي وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم سڄي ملڪ ۾ سمورين چيئر لفٽس جي سخت جاچ ۽ حفاظتي انتظا??ن کي يقيني بڻائڻ جي هدايت پڻ ڪئي.