اسلام آباد – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته اقليتن جي حقن جو تحفظ رياست جي بنيادن ۾ شام?? آهي، پاڪستان ۾ سمورن شهرين کي ب??اب?? حق حاص?? آهن، قائداعظم محمد علي جناح اقليتن جي حقن جي ڀرپور طريقي سان وضاحت ڪئي. انٽرنيشنل پيس فيسٽيول 2023ع کي خطاب ڪندي اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته اڄ کان 22 سال اڳ 2001ع ۾ گڏيل قومن عا??مي امن ڏهارو ملهائڻ جو اعلان ڪيو، 2023ع ۾ عا??مي انساني حق ڪنوينشن جا 75 سال به مڪمل ٿي رهيا آهن جيڪو هڪ اهم سنگ مي?? آهي. هن چيو ته نيڪٽا پنهنجي شروع کان وٺي هيستائين ملڪ جي اندر انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ اهم قدم کنيا ۽ امن دشمن عملن تي غور ڪيو. هن چيو ته امن دشمن محرڪن ۾ هڪ اهم عنصر انتهاپسندي آهي، پرتشدد انتهاپسندي دهشتگردي کي جنم ڏي ٿي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته اقليتن جي حقن جو تحفظ پاڪستان جي پاڙن ۾ شام?? آهي. قائداعظم محمد علي جناح پنهنجي 11 آگسٽ جي تقرير ۾ اقليتن جي حقن جي ڀرپور طريقي سان وضاحت ڪري ڇڏي هئي ته سمورا پاڪستاني ب??اب?? آهن ۽ ب??اب??ي جو فروغ انتهاپسندي جي خلاف سڀ کان وڏو هٿيار آهي. هن چيو ته اسلام انسانيت سان بهتر سلوڪ جو درس ڏي ٿو جڏهن ته انتهاپسندي جي خلاف جدوجهد اسان جي قدرن ۾ شام?? آهي. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته رياست سان وفاداري جي گهرج آهي ته ڪنهن سان امتيازي سلوڪ نه رکيو وڃي، رياست جي سمورن شهرين کي ب??اب?? حق حاص?? آهن. اسان کي تعصب کي ختم ڪرڻو پوندو، انهي جذبي سان پاڪستان جي طاقت کلي سامهون ايندي ۽ ڪير به هن ملڪ کي ڪمزور نه ڪري سگهندو.