اسلام آباد-26 آڪٽوبر(اي پي پي) قانون واري وفاقي وزير احمد عرفان اسلم ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ گڏيل قومن جي قراردادن تي عملدرآمد ڪرڻ تي زور ڀريو. ڪشمير جي ڪاري ڏهاڙي جي موقعي تي قانون واري وفاقي وزير پنهنجي پيغام ۾ چيو آه?? ته هي ڪارو ڏهاڙو اسان کي ا?? ڏينهن جي ياد ڏياري ٿو جڏهن 1947ع ۾ ڀارتي فوج غير قانوني طور سرينگر ۾ داخل ??ي معصوم ماڻهن تي قبضي، ظلم ۽ ڏا?? جي شروعات ڪئي. ڀارت والاريل ڪشمير ۾ ڪشميرين جي ا??ساني حقن جي سالن کان ڀڃڪڙي ڪري رهيو آه??. هر سال ڪارو ڏينهن ان لاءِ ملهايو وڃي ٿو ته جيئن ڀارت جي غير قانوني قبضي خلاف احتجاج ڪري سگهجي ۽ عالمي برا??ري کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل (يو اين ايس سي) جي قراردادن تي عملدرآمد جي حاويل سان ان جي وعدن کي ياد ڏيارجي جيڪي ڪشميرين جي خوداراديت واري حق جي حمايت ڪن ٿيون.