اسلام آباد – 08 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي انڊونيشيا س??ن واپار، سيڙپڪاري، اقتصادي، ثقافتي ۽ سياحتي لاڳاپا وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته ??اڪ??تان انڊونيشيا سان پنهنجي ويجهي، دوستاڻي ۽ ڀائراڻن لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، ٻئي ملڪ مذهبي ۽ ثقافتي وابستگين ۽ مختلف معاملن تي هڪ جهڙائي رکندڙ آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب هو انڊونيشيا جي عهدو ڇڏيندڙ سفير ايڊم ملاور من ٽوگيو سان ملاقات ۾ ڳالهائي رهيو هو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته واپار، سيڙپڪاري ۽ اقتصادي تعاون وڌائڻ ??اڪ??تان ۽ انڊونيشيا جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جو اهم عنصر آهي، ??اڪ??ت??ن واپار، ثقافت، سياحت ۽ عوامي رابطن جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جو خواهشمند آهي، انڊونيشيا جا واپاري ??اڪ??تان ۾ سيڙپڪاري جا موقعا ڳولين، سيڙپڪار دوست پاليسين مان فائدو کڻن، ??اڪ??تان ۽ انڊونيشيا جي وچ ۾ ڀائراڻا لاڳاپا وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي لاءِ گڏيل سياسي ۽ ثقافتي مٽاسٽا ۾ اضافو لازمي آهي. انڊونيشين سفير ايڊم ملاور من ٽوگيو چيو ته ??اڪ??تان ۽ انڊونيشيا کي ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ واپار ۽ سيڙپڪاري جي تعاون کي متنوع بڻائڻ گهرجي، ٻن??ي ملڪن جي وچ ۾ سڌوسنئون اڏامون کولڻ جو منصوبو ٺاهي رهيا آهيون جيڪو ٻنهي ڀائر ملڪن کي وڌيڪ ويجهو آڻيندو، ??اڪ??تاني شاگرد انڊونيشيا ۾ تعليمي وظيفا حاصل ڪندڙن ۾ شامل آهن. هن اميد ظاهر ڪئي ته ٻن??ي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۾ ترقي جي رفتار برقرار رهندي. صدر سفير جي مستقبل جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار پڻ ڪيو.