اسلام آباد – 20 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آه?? ته خصوصي ٻارن جو سمورين مشڪلاتن جي خلاف پنهنجي صلاحيتن کي ثابت ڪرڻ جو جذبو متاثر ڪندڙ آهي. سوشل ميڊيا ايڪس تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ نگران وزيراعظم چيو ته ٻارن جي عا??مي ڏينهن جي موقعي تي هن معذوري ۾ ورتل ماڻهن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي، آئون انهن جي ذهانت، سگهه ۽ سماجي شع??ي ۾ مثبت ڪردار ادا ڪرڻ جي خواهش سان دنگ رهجي ويس، انهن ٻارن جو سمورين مشڪلاتن جي خلاف پنهنجي صلاحيتن کي ثابت ڪرڻ جو جذبو متاثر ڪندڙ آهي.