اسلام آباد – 11 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ڪرڪي?? بورڊ مئنيجمينٽ جي چونڊون بهتر طريقي ??ان ڪرائڻ، رانديگرن کي سٺي ڪوچنگ ??ان گڏوگڏ بهترين تربيت، پاڪستان سپر ليگ جون م??چز سڄي ملڪ ۾ منعقد ڪرڻ جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي ٺاهڻ، موجوده ڪرڪيٽ اسٽيڊيمز جي جديد رخن تي بحالي جي لاءِ هنگامي بنيادن تي ڪم شروع ڪرڻ ۽ اسلام آباد ۾ 4 ڪرڪيٽ گرائونڊز پاڪستان ڪرڪي?? بورڊ جي سرپرستي ?? ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ پاڪستان ڪرڪي?? بورڊ جي معاملن جي حوالي ??ان اهم اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ نجڪاري واري نگران وفاقي وزير فواد حسن فواد، پاڪستان ڪرڪي?? بورڊ جي چيئرمين محمد ذڪاءَ اشرف، پاڪستان ڪرڪي?? بورڊ جي چيف آپريٽنگ آفيسر سلمان نصير، چيف سليڪٽر وهاب رياض ۽ لاڳاپيل سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي جڏهن ته پي سي بي جا عهديدار محمد حفيظ، عمر گل ۽ سعيد اجمل وڊيو لنڪ ذريعي آسٽريليا مان اجلاس ۾ شريڪ ٿيا. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن ??ان ڳالهائيندي نگران وزيراعظم چيو ته ڪرڪيٽ جي راند پوري قو?? کي متحد ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي جنهن ??ان قومي جذبو اڀري ٿو. هن چيو ته رڳو ٽيم ورڪ ??ان ئي پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم متحد ٿي هر ميدان ۾ ڪاميابي ماڻي سگهي ٿي. نگران وزيراعظم تاڪيد ڪندي چيو ته پي سي بي ۾ ٽرينرز، سپورٽ اسٽاف ۽ ٻين عهديدارن جي مقرري ڪندي ملڪي مفاد ۽ وقار جو خيال رکيو وڃي. هن هدايت ڪئي ته رانديگرن کي سٺي ڪوچنگ ??ان گڏوگڏ بهترين تربيت پڻ ڏني وڃي ته جيئن اهي هر سطح تي ملڪ ۽ قو?? جي بهتر نمائندگي ڪري سگهن. وڌيڪ اهو ته نگران وزيراعظم ڪرڪي?? بورڊ مئنيجمينٽ ڪميٽي جون چونڊون بهتر طريقي ??ان ڪرائڻ جي پڻ هدايت ڪئي. نگران وزيراعظم چيو ته ڪرڪيٽ کي ملڪ جي ڏورانهن علائقن ۾ پڻ فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته اندرون سنڌ، بلوچستان، ڏکڻ پنجاب، گلگت بلتستان، خيبرپختونخواهه جي نئين ضم ٿيل ضلعن، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير وغيره ۾ ڪرڪيٽ جو تمام گهڻو ٽيلينٽ موجود آهي جنهن کي قو??ي سطح تي نمائندگي جو موقعو ڏيڻ جي ضرورت آهي. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته ڪوئيٽا جي بگٽي اسٽيديم ۽ پشاور جي ارباب نياز اسٽيڊيم جي بحالي جو ڪم فوري طور تي شروع ڪيو وڃي ته جيئن هتي قو??ي ۽ عالمي ڪرڪيٽ م??چز منعقد ڪري سگهجن. هن چيو ته گوادر جي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۽ گلگت بلتستان جي علائقي نگر ۾ موجود پسن کي ڪرڪيٽ مئچون منعقد ڪرڻ جي قابل بڻائي سگهجي ٿو. نگران وزيراعظم ڪرڪي?? بورڊ کي ضلعي نگر جي پسن اسٽيڊيم جي فوري سروي ڪرائڻ جي پڻ هدايت ڪئي. هن وڌيڪ هدايت ڪئي ته موجوده ڪرڪيٽ اسٽيڊيمز جي جديد رخن تي بحالي جي لاءِ هنگامي بنيادن تي ڪم شروع ڪيو وڃي. ان کانسواءِ نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته جديد سهولتن ??ان ليس نئين ڪرڪيٽ اسٽيڊيمز ۽ انهن ??ان گڏ عالمي معيار جي هوٽلز ۽ شاپنگ ايرياز قائم ڪرڻ جي لاءِ حڪمت عملي تيار ڪئي وڃي ته جيئن سياحت کي پڻ فروغ ڏئي سگهجي. نگران وزيراعظم ڪرڪيٽ جي ترقي جي لاءِ اسلام آباد ۾ 4 ڪرڪيٽ گرائونڊز کي سي ڊي اي کان وٺي پاڪستان ڪرڪي?? بورڊ جي سرپرستي ?? ڏيڻ جي هدايت پڻ ڪئي. پاڪستان سپر ليگ جي حوالي ??ان نگران وزيراعظم ليگ جون م??چز سڄي ملڪ ۾ منعقد ڪرائڻ جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي ٺاهڻ جي هدايت ڪئي. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ جي ميدان ۾ دوست ملڪن ??ان هر ممڪن تعاون جي فروغ لاءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. اجلاس کي پاڪستان ڪرڪي?? بورڊ جي عملدارن پاران بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان سپر ليگ فيبروري 2024ع ۾ منعقد ٿيندي. ليگ جون م??چز ڪراچي، لاهور، راولپنڊي ۽ ملتان ۾ منعقد ٿينديون. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان ڪرڪيٽ چيمپيئنز ٽرافي جي ميزباني ڪندو. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ ڪرڪيٽ ايسوسيئيشنز جو انگ 6 مان وڌائي 16 ڪيو ويو جنهن ??ان علائقائي ٽيلينٽ اجاگر ٿيندو. وڌيڪ اهو ته اسلام آباد، لاهور، ڪراچي، گوجرانوالا، پشاور ۽ بهاولپور ۾ ڪرڪيٽ جي انفراسٽرڪچر جي تعمير تي ڪم ٿي رهيو آهي. قذافي اسٽيڊيم لاهور، نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۽ ملتان اسٽيڊيم جي شمسي توانائي تي منتقلي تي ڪم ڪيو پيو وڃي. اجلاس کي پاڪستان ۾ عورتن جي ڪرڪيٽ جي فروغ لاءِ کنيل قدمن بابت پڻ آگاهه ڪيو ويو.