اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسلام آباد ماتحت عدالتي سروس ٽربيونل جي نئين سر جوڙجڪ جي منظور?? ڏئي ڇڏي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس طارق محمود جهانگيري ??ي بطور چيئرمين اسلام آباد ماتحت عدالتي سروس ٽربيونل مقرري جي منظوري ڏني اهي. جسٽس بابر ستار ۽ سردار اعجاز اسحاق خ??ن اسلام آباد ماتحت عدالتي سروس ٽربيونل جا ميمبر هوندا. صدر نئين سر جوڙجڪ جي منظوري اسلام آباد ماتحت عدالتي سروس ٽربيونل ايڪٽ 2016ع جي سيڪشن 3 تحت ڏني آهي. بيان موجب صدر اسلام آباد ماتحت عدالتي سروس ٽربيونل جي نئين سر جوڙجڪ ن??را?? وزيراعظم جي ايڊوائيس تي ڪئي آهي.