اسلام آباد – 28 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پاڪستان ۽ اي??ان جي وچ م اقتصادي لاڳاپن ۽ ميڊيا جي ش??بن سميت ٻطرفي ثقافتي تعاون جي فروغ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي حڪومتي عزم جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ اي??ان جي وچ ۾ ميڊيا ۽ مختلف ش??بن ۾ تعاون جي فروغ جهڙا معاهدا ثقافت ۽ روايتن کي حقيي روشني ۾ پيش ڪرڻ ۾ مدد ڏيندا. هو ملاقات جي لاءِ آيل اسلامي جمهوريه اي??ان جي سفير رضا اميري مقدم سان ڳالهائي رهيو هو. ملاقات ۾ ميڊيا جي ش??بن ۾ تعاون، ثقافتي وفدن جي مٽاسٽا، ٻطرفي گڏيل واپاري لاڳاپن، اي??ان ايڪسپو 2024ع سميت مختلف اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ملاقات ۾ واپاري ۽ اقتصادي ش??بن خاص طور تي اي سي او تنظيم جي دائره ڪار ۾ گڏيل تعاون، اوڀر کان اولهه تائين لنگهه، ٻنهي ملڪن جي بندرگاهن تي ٻطرفي تعاون ۽ تهران اسلام آباد لاڳاپن ۾ توسيع جي اهميت تي زور ڏيندي ٻطرفي گڏيل لاڳاپن جي فروغ جي لاءِ موقعا ڳولڻ تي راضپي جو اظهار ڪيو ويو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته پاڪستان اي??ان سان ڀائراڻن لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، پاڪستان ۽ اي??ان گهري مذهبي، ثقافتي ۽ لساني رشتن ۾ ڳنڍيل آهن. مرتضيٰ سولنگي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ميڊيا جي ش??بن ۾ تعاون کي وقت جي ضرورت قرار ڏيندي چيو ته پاڪستان اي??ان سان فلم ۽ ڊرامي جي ش??بن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته قومي خابرو اداري اي??وسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان ۽ اي??ان جي اسلامڪ ري پبلڪ نيوز اي??نسي (ارنا) جي وچ ۾ مفاهمت جي ياداشت تي اڳ ۾ ئي صحيحون ٿي چڪيون آهن. هن چيو ته پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي (پيمرا) ۽ اي??ان جي آڊيو ويزول ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي (ساترا) ۽ ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبلي ڪيشنز، پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن ۽ اي??ان جي آڊيو ويزول ۽ سئنيما جي شعبي ۾ تعاون جي فروغ جي لاءِ مفاهمت جي ياداشتن تي ڪم جاري آهي. ملاقات ۾ پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن ۽ اسلامڪ ري پبلڪ آف اي??ان براڊ ڪاسٽنگ جي وچ ۾ مفاهمتي عمل کي تيز ڪرڻ تي پڻ اتفاق ٿيو. اي??ان جي سفير اسلام آباد ۾ اسلامڪ ري پبلڪ آف اي??ان براڊ ڪاسٽنگ جي بيورو آفيس کولڻ بابت اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير کي آگاهه ڪيو. هن چيو ته اسلامڪ ري پبلڪ آف اي??ان براڊ ڪاسٽنگ جي بيورو آفيس ايندڙ سال جنوري جي ٽئين هفتي ۾ پنهنجو ڪم شروع ڪري ڇڏيندي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته اسلامڪ ري پبلڪ آف اي??ان براڊ ڪاسٽنگ جي بيورو آفيس قائم ٿيڻ سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اطلاعات جي شعبي ۾ تعاون کي وڌيڪ هٿي ملندي. هن چيو ته اي??ان سان ٽيليويزن، فلمز، سئن??ما?? ادبي ۽ لساني ادارن جي وچ ۾ تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ اهڙي طرح جا ڪيترائي معاهدا بحث هيٺ آيا. اهي معاهدا اسان جي ثقافت ۽ روايتن کي حقيقي روشني ۾ پيش ڪرڻ ۾ مدد ڏيندا. ملاقات ۾ اي??ان جي ثقافتي وفد جي پاڪستان جي دوري جي حوالي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته اي??ان جي ثقافتي وفد جو پاڪستان جو دورو خوش آئنده آهي، اهڙي طرح جي دورن سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ثقافتي لاڳاپن ک?? هٿي ملندي. هن چيو ته اي??ان جي ثقافتي وفد کي پاڪستان جي ميڊيا هائوسز، پريس ڪلبز ۽ ٻين ثقافتي ادارن جو دورو ڪرايو ويندو. ملاقات ۾ اي??ان ايڪسپو 2024ع جي حوالي سان پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته اي??ان ايڪسپو 2024ع ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري لاڳاپن جي فروغ جو اهم موقعو آهي. هن چيو ته پاڪستان اي??ان سان گڏيل اقتصادي لاڳاپن جي فروغ جي لاءِ اي??ان سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. اي??ان جي سفير چيو ته اي??ان ايڪسپو 2024ع ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري ادارن جي لاءِ هڪ متحرڪ پليٽ فارم فراهم ڪندي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير اي??اني سفير کي پاڪستان ۾ ايندڙ چونڊن جي حوالي سان قدمن بابت آگاهه ڪندي چيو ته نگران حڪومت جو بنيادي مينڊيٽ چونڊ عمل ۾ معاونت ڪرڻ آهي، صاف، شفاف ۽ غيرجابداراڻيون چونڊون منعقد ڪرڻ اسان جي ترجيح آهي. هن چيو ته نگران حڪومت ان ڏس ۾ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪري رهي آهي. اي??ان جي سفير صاف، شفاف ۽ غيرجانبداراڻيون چونڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ نگران حڪومت جي عزم کي ساراهيو.