اسلام آباد – 29 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيرا??ظم انوارالحق ڪاڪڙ زور ڏنو آهي ته پاڪستان ۽ ايران کي علائقائي سالميت ۽ خودمختياري سميت ٻنهي ملڪن کي درپيش چئلينجز کي گڏيل حصيداري ۽ تعاون جي ذريعي عالمي قانونن ۽ گڏيل قومن جي چارٽر تحت منهن ڏيڻو پوندو. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيرا??ظم انوارالحق ڪاڪڙ سان ايران جي پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ ويجهن لاڳاپن تي زور ڏيندي نگران وزيرا??ظم ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. نگران وزيرا??ظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ٻنهي ملڪن کي درپيش چئلينجز خاص طور تي هڪ ٻئي جي علائقائي سالميت ۽ خودمختياري کي گڏيل حصيداري ۽ تعاون جي ذريعي عالمي قانونن ۽ گڏيل قومن جي چارٽر تحت منهن ڏيڻو پوندو. نگران وزيرا??ظم ايران جي صدر ابراهيم رئيسي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو پيغام ڏيندي کيس جلد پاڪستان جي دو??ي جي دعوت ڏني.