اسلام ??باد – 31 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته سينيئر صحافي پرويز شوڪت مرحوم پنهنجي چار ڏهاڪن تي ٻڌل صحافتي دور ۾ سدائين صحافين ۽ مي??يا ورڪرز جي حقن جي لاءِ آواز اٿاريو، مي??يا ورڪرز جي لاءِ مرحوم جي بي لوث خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو، ٽيڪنالاجي جي تبديلي ??ان نوان رجحان سامهون اچي رهيا آهن، عوام کي ڄاڻڻ جو ??ق صحافت آهي، مستقبل جي مي??يا ڊيجيٽل آهي. اهڙن خيالن جو ??ظهار هن پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس (ورڪرز) جي اهتمام هيٺ پي ايف يو جي ورڪرز جي صدر، ايپنڪ جي اڳوڻي چيئرمين سينيئر صحافي پرويز شوڪت مرحوم جي ياد ۾ منقعد تعزيتي ريفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته پرويز شوڪت پنهنجي چار ڏهاڪن تي ٻڌل صحافتي دور ۾ سدائين مي??يا ورڪرز جي معاشي حقن جي لاءِ آواز اٿاريو، هو صحافين ۽ مي??يا ورڪرز جو مضبوط آواز هو، مي??يا ورڪرز ۽ صحافت جي شعبي ۾ سندس بي لوث خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. هن چيو ته پرويز شوڪت هڪ سٺو ۽ مخلص انسان هو، هن پنهنجي زندگي ۾ سدائين صحافين ۽ مي??يا ورڪرز جي حقن جي جنگ وڙهي، مرحوم هڪ عظيم ورثو ڇڏيو آهي جنهن کي ان جي ساٿي اڳواڻن کي اڳتي وڌائڻ گهرجي. هن چيو ته اسان کي پرويز شوڪت مرحوم جي ڪاميابين تي رشڪ آهي. هن چيو ته پرويز شوڪت جي لاڏاڻي سان پريس ۽ مي??يا انڊسٽري ۾ جيڪو خال پيدا ٿيو آهي اهو ڪڏهن ڀرجي نه ٿو سگهبو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته ٽيڪنالاجي تبديل ٿي رهي آهي ۽ نوان رجحان سامهون اچي رهيا آهن جن ۾ ڪجهه مثبت ۽ ڪجهه منفي آهن. هن چيو ته آرٽيفيشل انٽيلي ??نس، وائيس ڪلوننگ، ڊس انفارميشن، پروپئگنڊه جي دور ۾ مي??يا ورڪرز جي حقن ۽ معاشي مستقبل جو ??حفظ ڪرڻ هڪ مشڪل ڪم آهي جنهن تي ڪميونٽي جي طور تي اسان کي سنجيدگي سان سوچڻ گهرجي. هن چيو ته صحافت هڪ مشن ۽ عوام ??ي ڄاڻڻ جو ??ق آهي، ان حق جي لاءِ وڙهڻ به صحافت آهي. هن چيو ته مستقبل جي مي??يا ڊيجيٽل آهي، مي??يا جي اندر چڪاس جو نظام لازمي جز جي حيثيت رکي ٿو، اسان کي ان نظام کي بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي، جيڪڏهن اهو نظام ??تم ٿي ويو ته صحافت به ختم ٿي ويندي. هن ڊيجيٽل ادارا قائم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته اسان کي مستقبل جي ٽيڪنالاجي جي عالمي رجحانن سان گڏ اڳتي وڌڻو پوندو. هن چيو ته پرويز شوڪت مرحوم پنهنجي دور جي گهرجن کي سامهون رکندي مي??يا ورڪرز ۽ صحافين جي حقن جو ??فاع ڪيو، اڄ کيس خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو ??هو ئي بهترين طريقو آهي ته اسان انهن معاملن تي سنجيدگي سان سوچون ۽ موجوده دور جي گهرجن سان هم آهنگ ٿيندي اڳتي وڌون. تعزيتي ريفرنس ۾ سينيئر سياستدان فرحت الله بابر، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد ۽ صحافين جي وڏي انگ پڻ شرڪت ڪئي.