اسلام آباد – 15 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ عالمي ائٽمي توانائي ايجنسي (آءِ اي اي اي) جي ??فد جي ??اڪستان جي دوري جي حوالي سان ميڊيا جي سوالن جي جواب ۾ چيو ته آءِ اي اي اي جي اعليٰ وفد جي ??اڪستان جي دوري جي حوالي سان ڪنهن به قسم جون خبرون بي بنياد ۽ ”فيڪ نيوز“ آهن. ترجمان چيو ته آءِ اي اي اي جو ڪو عهديدار هن وقت پاڪستان جو دورو نه ڪري رهيو آهي ۽ نه ئي ويجهي مستقبل ۾ آءِ اي اي اي سان ڪا پاليسي ڳالهه ٻولهه جو منصوبو آهي. هن چيو ته ڊائريڪٽر جنرل آءِ اي اي اي ??يب??وري 2023ع ۾ پاڪستان جو دورو ڪيو هو. ان موقعي تي پرڏيهي وزارت ميڊيا جي ??اءِ تفصيل جاري ڪيا هئا.