اسلام آباد – 15 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪوئلي سان هلندڙ بجلي گهرن کي مقامي ڪوئلي تي منتقل ڪرڻ، بجل?? جي پهچ نظام کي بهتر بڻائڻ، فعال جنڪوز جي نجڪاري ۽ غيرفعال جنڪوز جي نيلامي جو عمل تيز ڪرڻ ۽ بجل?? جي ويلنگ جا اگهه گهٽ ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ملڪ ۾ اڳتي رڳو ??اف ۽ گهٽ لاڳت وارا پن بجلي ۽ قابل تجديد توانائي جا پلانٽس هنيا ويندا، بجل?? جي في يونٽ قيمت گهٽ ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهيا آهيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ بجلي شعب?? جي حوالي سان قدمن تي اعليٰ سطحي جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن ا??حاق ڊار، خواجه محمد آصف، احد خان چيما، عطاءُ الله تارڙ، سردار اويس احمد خان لغاري، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، بجل?? جي اڳوڻي وزير محمد علي، قومي اسيمبلي ميمبر بلال اظهر ڪياني، راڻا احسان افضل، سلمان ا??مد ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ڪوئلي سان هلندڙ بجلي گهرن کي مقامي ڪوئلي تي منتقل ڪرڻ ۽ بجل?? جي پهچ نظام کي بهتر ڪيو وڃي. هن چيو ته ملڪ ۾ اڳتي رڳو ??اف ۽ گهٽ لاڳت پن بجلي ۽ قابل تجديد جا پلانٽ هنيا ويندا. اجلاس کي ٻاهرئين سيڙپڪاري تحت 600 ميگاواٽ شمسي توانائ?? جي منصوبي تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي شمسي توانائ?? جي ان منصوبي ۾ ٻاهرئين سيڙپڪار?? جي حوالي سان قدمن کي تيز ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته بجل?? جي ويلنگ جي اگهن کي گهٽ ڪيو وڃي ته جيئن صنعتي صارفين کي گهٽ لاڳت تي بجل?? جي فراهمي ممڪن ٿئي، صنعتي تري ۽ روانگي واپار ۾ اضاف?? جي لاءِ وڏين صنعتن جي ويجهو گرڊ اسٽيشنون قائم ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي، اهڙا بجلي گهر (جنڪوز) جيڪي فعال آهن انهن جي نجڪار?? جي عمل کي تيز ڪيو وڃي، اهڙا بجلي گهر (جنڪوز) جيڪي غيرفعال ۽ ناڪاره حالت ۾ آهن انهن جي نيلام?? جي عمل کي تيز ڪيو وڃي. هن چيو ته بجل?? جي موجوده اضافي صلاحيت کي صنعتن ۾ بهتر طريقي سان ا??تعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ تجويزون تيار ڪيون وڃن. وزيراعظم چيو ته عام ماڻهو جي لاءِ بجل?? جي في يونٽ قيمت ۾ گهٽتائ?? جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهيا آهيون، بجلي شعب?? جي گردشي قرضن ۾ گهٽتائ?? جي لاءِ شعبي جا ترجيحي بنيادن تي سڌارا جاري آهن. اجلاس کي بجلي شعب?? جي موجوده پيداوار ۽ پهچ نظام جي حوالي سان تفصيلن، حڪومتي قدمن ۽ تجويزن جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي مستقبل ۾ بجل?? جي کپت ۽ طلب جي حوالي سان پڻ آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته درآمدي ڪوئلي سان هلندڙ منصوبن کي مقامي ڪوئلي تي منتقل ڪرڻ سان نه رڳو قيمتي پرڏيهي ناڻو بچائي سگهبو پر في صارفين جي لاءِ في يونٽ قيمت ۾ 2 رپيا گهٽتائي ممڪن ٿيندي. وزيراعظم سمورن قدمن کي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي.