رياض -28 اپريل (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف سان رياض ۾ ورلڊ اڪنامڪ فورم جي خصوصي اجلاس جي موقعي تي ڪويت جي امير شيخ مشعل الاحمد الجابر الصباح ملاقات ڪئي. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان مطابق وزيرا??ظم پنهنجي ٻيهر چونڊڻ تي امير جي مبارڪن واري خط تي سندس شڪريو ادا ڪيو. شيخ مشعل الاحمد الجابر الصباح کي امير جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪون ڏيندي وزيرا??ظم ساڻس ملي ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظ??ار ڪيو ته جيئن ٻه طرفي لاڳاپن کي گڏيل طور تي فائديمند اقتصادي شراڪتداري ۾ تبديل ڪري سگهجي جيڪو ٻنهي ملڪن جي عوام جي بهترين مفاد?? ۾ ??وندو. پاڪستان ۽ ڪويت ??وم??ر 2023ع ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ سهڪار کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ لاءِ ڪيترن ئي مفاهمت جي يادداشتن ۽ معاهدن تي صحيحيون ڪيون هيون. ملاقات ۾ ٻه طرفي لاڳاپن کان علاوه علائقائي صورتحال خاص ڪري غزه جي بحران جي حوالي سان به ڳالهيون ڪيون ويون. وزيرا??ظم ڪويت جي امير کي جلد کان جلد پاڪستان جي سرڪاري دوري ڪرڻ جي دعوت جو ورجاءُ ڪيو.