اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جرمني سان ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري کي سگهه ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آه?? ته پاڪستان ۾ جرمن سيڙپڪاري ۾ اضافي جا وسيع امڪان موجود آه??، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ متبادل توانائي، صنعت، معدنيات، آءِ ٽي، زراعت ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ پرعزم آه??ون. اهڙن خيالن جو اظهار هن جرمني جي اين جي او گلوبل بريجز، برلن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وفد ۾ گلوبل بريجز جو چيئرمين بورڊ آف ڊائريڪٽرز ??ين?? ايلبرت، چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر نڪولس البرچٽ ۽ جرمني سان تعلق رکندڙ ڪاروباري ماڻهو ۽ سيڙپڪار شامل هئا. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ جرمني جو سفير الفريڊ ??ري??يس، واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، صنعت ۽ پيداوار وارو وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام واري مملڪتي وزير شزه فاطمه ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسر پڻ موجود ه??ا. وفد پاڪستان جي ڪاربن ڪريڊٽ مارڪيٽ ۽ موسمياتي تبديلي ۽ زراعت جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان دلچسپي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جرمني سان پنهنجي پراڻي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، پاڪستان جرمني کي يورپ ۾ پنهنجو هڪ اهم حصيدار تصور ڪري ٿو. وزيراعظم چيو ته ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري جي موجوده سطح کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جا خواهشمند آه??ون. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ جرمن سيڙپڪاري ۾ اضافي جا وسيع امڪان موجود آه??، پاڪستان ۽ جرمني جي وچ ۾ صنعت، متبادل توانائي، معدنيات، آءِ ٽي، زراعت ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ پرعزم آه??ون، پاڪستان مان ڪاربن اخراج جي شرح انتهائي گهٽ هجڻ جي باوجود اسان ماحولياتي تبديلي جي اثرن کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن مان هڪ آه??ون، متبادل توانائي، موسمياتي تبديلي، زراعت ۽ غذائي تحفظ جي حوالي سان جرمني جي تجربي مان فائدو کڻڻ چاهيون ٿا، پاڪستان جي افرادي قوت کي معياري تربيت فراهم ڪري انهن جي صلاحيت ۾ اضافو ڪيو پيو وڃي ته جيئن اهي ٻاهرئين ملڪ به پنهنجو هنر ڏيکاري سگهن. وزيراعظم ملاقات ۾ وفد سان جرمن زبان ۾ ڳالهه ٻولهه ڪئي جنهن تي وفد جا شرڪت ڪندڙ دنگ رهجي ويا ۽ وزيراعظم جي جرمن زبان تي عبور تي داد ڏيڻ کانسواءِ رهي نه سگهيا. جرمن وفد جي سربراهه وزيراعظم جي جرمن زبان ۾ ڳالهه ٻولهه تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا.