اسلام آباد – 30 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار پاڪستان جي دوري تي آيل آذربائيجان جي پرڏيهي وزير جيهون بيراموف جو پرڏيهي آفيس اچڻ تي استقبال ڪي??. پ??ڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار ۽ آذربائيجان جي پرڏيهي وزير جي وچ ۾ تفصيلي ملاقات ٿيندي. ٻئي اڳواڻ وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ۽ پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون بابت خيلان جي ڏي وٺ ڪندا. پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ آذربائيجان جو پرڏيهي وزير جيهون بيراموف گڏيل نيوز ڪانفرنس پڻ ڪندا. آذربائيجان جو پرڏيهي وزير جيهون بيراموف ٻن ڏينهن جي سر??اري تي دوري اربع ڏينهن اسلام آباد پهتو ه??. پ??ڏيهي وزير جيهون بيراموف وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پڻ ملاقات ڪندو.