اسلام آباد – 30 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪس??ان جي ٻئي مواصلاتي سيٽلائيٽ جي زمين جي مدار ۾ موڪلڻ تي پوري قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته اسان کي پنهنجي س??ئنسدانن جي ان شاندار ڪاميابي تي فخر آهي، پاڪستاني سيٽلائيٽ جو چين جي خلائي مرڪز مان موڪلڻ پاڪس??ان ۽ چين جي مضبوط حصيداري جو مظهر آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته پاڪس??ان جي ٻئي مواصلاتي سيٽلائيٽ پاڪ پاڪ سيٽ ايم ايم ون جي زمين جي مدار ۾ موڪلڻ تي مون سميت پوري قوم کي پنهنجي س??ئنسدانن جي ان شاندار ڪاميابي تي فخر آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستاني سيٽلائيٽ پاڪ سيٽ ايم ايم ون جي زمين جي گرد مدار ۾ موڪلڻ سان پوري پاڪستاني قوم هڪ عظيم سنگ ميل عبور ڪري ورتو. هن چيو ته پاڪستاني سيٽلائيٽ جو چين جي ش?? چانگ سيٽلائيٽ لانچ سينٽر مان خلا ۾ موڪلڻ پاڪس??ان ۽ چين جي مضبوط حصيداري جو مظاهر آهي، اهڙن قدمن سان پاڪس??ان ۽ پاڪستاني عوام جدت ۽ ٽيڪنالاجي جي ثمرن مان فائدو کڻي سگهنداسين. وزيراعظم چيو ته سيٽلائيٽ نه رڳو پاڪس??ان جي مواصلاتي نظام ۾ هڪ نئُون روح ڦُوڪيندو پر ان سان پوري ملڪ ۾ تيز ترين انٽرنيٽ جي سهولت فراهم ڪري سگهبي، سيٽلائيٽ مواصلاتي نظام ۾ بهتري س??ن اي ڪامرس، ??قت??ادي س??گرمين ۽ اي گورننس ۾ بهتري ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو، پاڪستاني سيٽلائيٽ جو زمين جي مدار ۾ 36 هزار ڪلوميٽر جي فاصلي تي موڪلڻ اسپارڪو ۽ لاڳاپيل ادارن جي وڏي ڪاميابي آهي جنهن تي پوري قوم انهن کي شاباس ڏي ٿي. هن چيو ته سيٽلائيٽ پاڪ سيٽ ايم ايم ون جو زمين جي مدار ۾ ڪاميابي س??ن پهچڻ پاڪس??ان جي شاندار مستقبل جي نويد آهي، الله تعاليٰ کان دعا آهي ته سيٽلائيٽ پاڪ سيٽ ايم ايم ون ملڪ ۾ مواصلاتي نظام جي بهتري ۽ خلائي شعبي ۾ وڏين ڪاميابين جي نويد ثابت ٿئي.