اسلام آباد – 31 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪائونسل آف پاڪستان نيوز پيپر ايڊيٽرز (سي پي اين اي) جي سالي??ني چونڊن ۾ نئين چونڊيل عهديدارن کي م??ارڪباد ڏيندي چيو آهي ته چونڊيل عهديدار ملڪ ۾ صحافت جي م??يار جي وڌيڪ بهتري ۽ فيڪ نيوز جي خاتمي لاءِ قدم کڻندا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ارشاد ا??مد عارف کي صدر، اعجازالحق کي سيڪريٽري جنرل، انور ساجدي کي سينيئر نائب صدر ۽ باقي چونڊيل عهديدارن کي م??ارڪباد ڏني. هن چيو ته ڪائونسل آف پاڪستان نيوز پيپر ايڊيٽرز (سي پي اين اي) جون ملڪ ۾ معياري صحافت جي لاءِ وڏيون خدمتون آهن. پراميد آهيان ته سي پي اين اي جا نوان چونڊيل عهديدار ملڪ ۾ صحافت جي م??يار جي وڌيڪ بهتري ۽ فيڪ نيوز جي خاتمي لاءِ قدم کڻندا. هن چيو ته حڪومت ملڪ ۾ صحافت جي آزادي جي لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي. صحافتي برادري جي م??ئلن جو حل حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي.