اسلام آباد – 04 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ڪرپشن، نااهلي ۽ نالائقي کي برداشت نه ڪيو ويندو. پن??نج?? ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان پبلڪ ورڪس ڊپارٽمينٽ (پي ڊبليو ڊي) کي ختم ڪرڻ جو من??نج?? فيصلو ان خرابي کي ختم ڪرڻ طرف هڪ قدم آهي جيڪو اسان جي نظام کي اندران ڪينسر وانگر کائي رهيو آهي. هن چيو ته هڪ ايماندار، ديانتدار ۽ اهل بيوروڪريسي بڻائڻ جي لاءِ پوري طرح پ??عز?? آهيان جيڪا اعليٰ معيار جي عوامي خدمت فراهم ڪ??دي ۽ حڪمراني جي معيار کي بلند ڪندي.