اسلام آباد – 05 – جولائي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار برطانيا جي ليبر پارٽي جي اڳواڻ سر ڪيئر اسٽارمر کي پارلياماني چونڊن ۾ ??ار??خي ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني آهي. نائب وزيراعظم سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي خ??شي واري پيغام ۾ چيو ته آئون برطانيا ۾ پارلياماني چونڊن ۾ ??ار??خي ڪاميابي تي ليبر پارٽي جي اڳواڻ ڪيئر اسٽارمر کي دلي مبارڪباد ڏيان ٿو. هن چيو ته پاڪستان ۽ برطانيا گڏيل ??ار??خ ۽ عوام سان عوام جي وچ ۾ گهري ۽ وسيع البنياد لاڳاپا رک??دڙ آهن. نائب وزيراعظم ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته سر ڪيئر اسٽارمر جي حڪومت جي دور ۾ پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا ۽ ٻئي ملڪ عالمي امن، خوشحالي ۽ ترقي جي لاءِ گڏجي ڪم ??ندا.