اسلام آباد – 02 – جولائي (اي پي پي) صدر آ??ف علي زرداري سان ريلوي واري اڳوڻي وفاقي وزير ۽ عوامي نيشنل پارٽي جي سينيئر اڳواڻ غلام احمد بلور ملاقات ڪئي جنهن ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي، سيڪيورٽي ۽ امن امان جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ان موقعي تي چيو ته ملڪي مسئلن جي حل، سياسي ۽ معاسي استحڪام جي لاءِ سمورين سياسي پارٽين جو گڏ هلڻ ضروري آهي، اهم قومي معاملن تي سمورين سياسي پارٽين سان مشاورت ۽ اتفاق راءِ لازمي ??هي. غلام احمد بلور صدر آ??ف علي زرداري کي ٻيو ڀيرو صدر جو عهدو سن??الڻ تي مبارڪباد ڏني.