ڪراچي-11 جولاءِ (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ڪالهه سي ٽي ڊي جي شه??د ڊي ايس پي علي رضا کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ ڪريم آباد پهچي ويو. گهرو وزير محسن نقوي شه??د ڊي ايس پي جي رهائشگاهه تي سوڳوار خاندان سان ملاقات ڪئي. وارثن کي دلاسو ڏنو ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. گهرو وزير محسن نقوي شه??د ڊي ايس پي علي رضا لاءِ هلال شجاعت ۽ قائد اعظم پوليس ميڊل ڏيڻ جو اعلان ڪيو. ??ن جو چوڻ هو ته ڊي ايس پي علي رضا انتهائي بهادر پوليس آفيسر هو. قوم کي اهڙن جرئتمند پوليس آفيسرن تي ناز آهي. شهيد ايس ايس پي چوڌري اسلم کانپوءِ شه??د ڊي ايس پي علي رضا ڪراچي ۾ دهشتگردن جي چيلهه ٽوڙي ڇڏي هئي. هن چيو ته اسان جو ايمان آهي ته شهيد زنده هوندا آهن ۽ شه??د ڊي ايس پي علي رضا هميشه اسان جي دلين ۾ زنده رهندو. ايڊيشنل آءِ جي پوليس يعقوب ناصر، ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي آصف اعجاز شيخ، ايس ايس پي سينٽرل ۽ سي ٽي ڊي جا آفيسر به ان موقعي تي موجود هئا.