لاهور-12 جولاءِ (اي پي پي) لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ خصوصي عدالت ڪالعدم تنظيم لاءِ ڪم ڪندڙ ٻن ج??اب??ارن عبدالحنان ۽ محمد موسيٰ کي ڏوهه ثابت ٿيڻ تي پنج، پنج سال قيد جي سزا ٻڌائي آهي. دهشتگردي ٽوڙ عدالت نمبر ٽي جي جج ارشد جاويد اهو فيصلو ٻڌايو. عدالت قرار ڏنو ته ج??اب??ار الزامن جي حوالي سان پنهنجي بي گناهي ۾ ڪي ٺوس ثبوت مهيا نه ڪري سگهيا. عدالت فيصلي ۾ باور ڪرايو آهي ته پراسيڪيوشن ج??اب??ارن تي لڳايل الزام ثابت ڪرڻ ۾ ڪامياب رهي. ج??اب??رن تي ڪالعدم تنظيم لاءِ چندو گڏ ڪرڻ ۽ لکت وارو مواد رکڻ جي الزام ۾ ڪيس داخل آهي، ج??اب??ار عبدالحنان ۽ محمد موسيٰ خلاف 2023ع ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو هو جنهن موجب ج??اب??ارن کان ڪالعدم تنظيم جي مشهوري لاءِ لکت وارو مواد هٿ ڪيو ويو هو. عدالت دليل مڪمل ٿيڻ تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو هو بعد ۾ جمعي ڏينهن عدالت پنهنجو فيصلو ٻڌايو.