اسلام آباد – 26 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمب??ي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان جمعي ڏينهن پاڪستان ۾ اٽ??ي جي سفير ميريلينا ??رميلن ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪ – اٽلي ٻه طرفن پارلياماني ۽ واپاري لاڳاپن سميت ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اسپيڪر ان موقعي تي چيو ته پاڪستان اٽلي سان پنهنجي پراڻن دوستاڻن لاڳاپن کي نهايت ا??مي?? ڏئي ٿو، ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا ??مي??ه خيرسگالي ۽ اعتماد تي ٻڌل رهيا آهن. اسپيڪر چيو ته پاڪستان اٽلي سميت سمورن دوست ملڪن سان گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جو خواهشمند آهي، پارلياماني سفارتڪاري ذريعي ٻنهي ملڪن جي عوام کي وڌيڪ ويجهو آڻي سگهجي ٿو، پارلياماني وفدن جي مٽا سٽا ۽ فعال پاڪ-اٽلي پارلياماني فرينڊشپ گروپ سان گڏيل لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا. اٽ??ي جي سفير اسپيڪر جي اٽلي لاءِ خير سگا??ي جي جذبن جي اظهار ۽ ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي خواهش تي ٿورو مڃيو ۽ اٽ??ي جي پاڪستان سان اسٽريٽجڪ ڀائيواري کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو.